ملتان (م ڊ): اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو آهي ته اڳوڻي چيف جسٽس افتخار چوڌري کي للڪاري چوندس شرم ڪر، شرم ڪر، افتخار چوڌري جي نيت صدر بڻجڻ جي هئي، ملتان ۾ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي آصف علي زرداري چيو ته حامد سعيد ڪاظمي کي باعزت بري ٿيڻ تي مبارڪ ڏيان ٿو، عام چونڊن ۾ پورو پنجاب پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏيندو، هن چيو ته ميان صاحب خلاف ڪڏهن به فيصلو ناهي آيو، بي بي چيو هو ته ميان صاحب خلاف ۽ اسان جي حق ۾ ڪڏهن به فيصلو ناهي آيو، اهي سڪيورٽي ڏين يا نه ڏين اسان نڪرنداسين ۽ پنجاب ۾ جلسا ڪنداسين، آصف زرداري چيو ته مون پهرين به چيو هو ته هي جج سياسي آهي بعد ۾ جج سياسي جماعت بڻائي منهنجي ڳالهه ثابت ڪري ڇڏي، بينظير قتل ڪيس ۾ جيترا سياسي ايڪٽرز هيا، انهن کي الله سزا ڏئي ڇڏي، بلاول ڀٽو زرداري مڪمل آزاد آهي ۽ اهو پارٽي جي نئين سر تنظيم سازي ڪري رهيو آهي.