ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ثانوي، اعليٰ ثانوي امتحانن بابت اجلاس ٿيو آهي، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو امتحاني مرڪزن تي جيمرز لڳايا وڃن، جنهن سينٽر مان ڪاپي ڪرڻ جي شڪايت ملي ان خلاف سخت ايڪشن کنيو ويندو، وڏي وزير وزير جو چوڻ هو ته مان به امتحاني مرڪزن جو اوچتو دورو ڪندس، والدين کي اپيل ٿو ڪريان ته ٻارن کي امتحانن ۾ ڪاپي نه ڪرائين، امتحان ۾ نقل روڪڻ جي لاءِ والدين جو اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، وقتي فائدي جي لاءِ ٻارن کي وڏي نقصان کان بچائين، اوهان منهن جو ساٿ ڏيو مان ٻارن کي سٺي تعليم ڏيندس، امتحانن ۾ ڪاپي ڪرائيندي ڪو پڪڙيو ويو ته ان کي معطل نه پر سدائين لاءِ فارغ ڪري ڇڏيندس، اسان کي پنهنجي ٻارن کي تعليم يافتا بڻائڻو آهي، ڪاپي يافتا نه، ان موقعي تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه والدين، استادن ۽ ٻين ايگزامينر کي سندس ساٿ ڏيڻ جي اپيل ڪئي، پيپر ليڪ ٿيڻ جي به شڪايت ملندي آهي، پيپر ليڪ ڪرڻ جو ڏوهه تصور ڪيو ويندو ۽ سزا به ڏني ويندي.36