مرد مجاهد آصف علي زرداري جي ڌماڪيدار واپسي ۽ ميڊيا مهم

March 24, 2017 at 7:20 pm

عبدالمجيد بروهي
ڪجھ ڏينهن کان پاڪستانجي پرنٽ ميڊيا اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي پاڪستان پيپلز پارٽي جو ڪو چيئرمين اڳوڻي صدر پاڪستان مرد مجاهد آصف علي زرداري ئي صرف ڇانيل آهي آصف علي زرداري جڏنهن ملڪ واپسي بعد پهريون دفعو ڪنهن لائيو پروگرام ۾ شرڪت ڪئي ته ان وقت هو مخالف جيڪي هن کان سوال ڪرڻ آيا هئا سياسي اڳواڻ ۽ اينڪر پرسن ان وقت لاجواب ٿي ويا جڏنهن انهن وٽ مرد مجاهد آصف علي زرداري کان وڌيڪ سوال ڪرڻ جي سگھ ئي نه رهي جنهن بعد اردو چينل بول تي هي مهمان بڻجي آيو هيو جنهجن کان سوال ڪرڻ وارا ئي هن جي جوابن بعد لاجواب ٿي ويا هئا اردو ميڊيا جي مشهور اينڪر پرسن ڪيپيٽل ٽائم جي ميزبان حامد مير پڻ مرد مجاهد کي منجھائڻ لاء سندس انٽرويو ڪرڻ لاء آصف علي زرداري وٽ پهتو جنهن کي پڻ سياست ۾ سڀني مٿان ڀاري مرد مجاهد آصف علي زرداري پاران حامد مير جي سوالن جي جواب ۾ کيس احري طريقي سان جواب ڏئي لاجواب ڪري ڇڏيو جو ڏسندڙ چاهي پارٽي جا هجن يا مخالف سندن واتان حق زرداري نڪري پيو وڃي آصف علي زرداري حامد مير کي به پنهنجو شاگرد بڻائص ڇڏيو هن وقت آصف علي زرداري پاران جيڪي بيان اچي رهيا آهن ان مان صاف ظاهر آهي ته پ پ پ ن ليگ حڪومت جي غلط ڪمن ڪارين تي ان خلاف ميدان تي نڪرڻ واري آهي ڪجھ ڏينهن اڳ پ پ پ جي اهم اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ جنهن جي باري ۾ ميڊيا تي بار بار مخالف توڙي اينڪرپرسن اهو چوندا رهندا هئا ته هو ڪيسن کان ڊڄي ڀڄي ويو آهي ۽ هاڻي هو واپس ڪڏنهن به وطن واپس نه ورندو پر جڏنهن شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي پارٽي جي قائدين جي نقش قدم تي هلي ڪري ڪيسن کي منهن ڏيڻ ۽ مخالفن جي پروپيگنڊا کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ جي لاء واپس وطن وريو ته ان کي جهاز مان لهندي ئي مارڪٽ ڪري زبردستي گرفتار ڪيو ويو جنهن بعد علامي پريشر پوڻ بعد ڪجھ ڪلاڪن بعد شرجيل ميمڻ کي آزاد ڪيو ويو جنهن ڪجھ ڏينهن بعد عدالت ۾ پيش ٿي ضمانت پڻ ڪرائي ورتي آهي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته ن ليگ حڪومت هن وقت عوام ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو جي پوري ملڪ ۾ وڌندڙ شهريت ۽ مقبوليت کان خوفزدا ٿي پ پ پ جي قائدين کي شريجل انعام ميمڻ کي گرفتار ڪري حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر شايد انهن کي اها خبر نه آهي ته پ پ پ هن وقت تائين ان ڪري زندا آهي ته ان “ ۾ پنهنجي قائدين مٿان هر حال ۾ قرباني ڏيندڙ جيالا موجود آهن پ پ پ خلاف هن وقت بلاجواز پروپيگنڊا ڪري سندن جيالن کي گرفتار ڪري انهن جيالن کي سلطاني گواهه بنائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندڙ ڀليل آهن ڇو ته شرجيل انعام ميمڻ پڻ هڪ سچو جيالو آهي ان کان اها اميد ن ليگ نه رکي ته هن کي ٽارچر ڏيئي پنهنجي قائدين خلاف ڪوڙي شاهدي ڏيندو شرجيل انعام ميمڻ پ پ پ جو شير آهي جيڪو ڪنڌ ڪپائي ته سگھي ٿو پر پنهنجي پارٽي سان ڪڏنهن به غداري نٿو ڪري سگھي پاڪستان پيپلز پارٽي جي قائدين پاران پاڪستان ۽ جمهوريت لاء بيمثال قربانيون ڏنيون آهن عوام جي خدمت ڪئي آهي عوام کي روزگار پڻ پ پ پ حڪومت ڪندي رهندي آهي عوام جي خدمت ڪرڻ جي ڏوهه ۾ هميشا پ پ پ قائدين مٿان ڪوڙا ڪيس ڪيا ويندا آهن شهيد قائد عوام کي پڻ ڪوري ڪيس ۾ سولي تي چاڙهيو ويو شهيد راڻي مٿان ڪيرائي ڪوڙا ڪيس ڪيا ويا مرد مجاهد مٿان پڻ ماضي ۾ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کيس 11 سالن تائين جيل ۾ بنا ڪنهن ڏوهه جي رکيو ويو سندس مٿان بيرحماڻا تشدد ڪيو ويو پر تهنهنباوجود هو کيس جھڪائي نه سگھيا هئا اڄ وري انهن ساڳن حڪمرانن جي حڪومت آهي جن هميشا پ پ پ قائدين مٿان ڪوڙا سياسي ڪيس داخل ڪرايا جنهن ۾ ناڪامي بعد هو سيف رحمان ذريعي پ پ پ جي قائدين جي پيرن ۾ ڪري معافي پڻ وٺي چڪا آهن پر هو هن وقت به پنهنجن غلط حرڪتن کان باز نٿا اچڻ اڄ وري پ پ پ جي اڳوڻن ۽ قائدين مٿان بلاجواز بيبنياد ڪوڙا سياسي ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو ن ليگ حڪومت پاران شروع ڪيو ويو آهي پر انهن کي اڄ وري مرد مجاهد آصف علي خبردار ڪندي چئي رهيو آهي ته مڙي وڃو مڙي وڃو ڪٿي ائين نه ٿئي توهان هن دفعي پاڻ منهنجي پيرن تي ڪري پنهنجي غلطين جي معافي وٺو ظلم ايترو ڪريو جيترو توهان ۾ ظلم سهڻ جي سگھ موجود هجي
Brohimajeed123@gmail.com

اي پيپر