سچ وڏو ڏوهاري آهي!

March 24, 2017 at 7:20 pm

نسرين الطاف
دنيا جي هن گولي تي جنهن کي دنيا يا ڪائنات چئجي ان تي خدا جي مخلوق جنهن کي هو اشرف المخلوقات جو نالو ڏئي ٿو، سدا آباد آهي. انسان کي الله تعاليٰ سوچ، سمجهه، عقل عطا ڪري سڀني مخلوقات کان مٿانهون بڻايو آهي ۽ خدا جي تخليق ڪيل ان اشرف المخلوقات پنهنجي سمجهه، عقل سان ان ڪائنات کي پنهنجي تابع بڻايو آهي. سماج ۽ معاشرا جڙن ٿا، هڪ انسان جي ٻئي انسان سان تعلق جي بنياد تي ۽ انهيءَ جوڙجڪ کي ئي انسانن جي هڪ ٻئي سان ڳانڍاپن يا رشتن جو نالو ڏئي سگهجي ٿو. قومون، قبيلا ۽ خاندان گڏيل طور تي شهر، ڳوٺ، وستيون، واهڻ تشڪيل ڏئي پنهنجي رهڻي ڪهڻيءَ جي شروعات ڪندا آهن ۽ ائين انساني زندگيءَ جو تسلسل شروع ٿئي ٿو، جتي انهن جا رياست سان لاڳو حق ۽ واسطا لازم ٿين ٿا. هڪ انسان ٻئي انسان کي پنهنجي ڳالهه زبان يا ٻوليءَ وسيلي آواز ڪڍي سمجهائي سگهي ٿو. پنهنجي مٿان ٿيندڙ ناانصافي، ظلم، ڏاڍ، ڏمر انياءَ ڏک سک پسنديدگي ۽ ناپسنديدگيءَ جو اظهار پنهنجي آواز وسيلي ڪري سگهي ٿو. هر انسان پنهنجي لاءِ سوچي ٿو ۽ جڏهن الله ان کي اشرف المخلوقات بڻايو آهي ته ان کي زندگي به اهڙي ملڻ گهرجي، هو رياست ۾ ساڻس ٿيندڙ روين کي محسوس ڪري ٿو. زندگي گذارڻ لاءِ بهتر ۽ مثبت رويا هڪ بهتر سماج ۽ معاشري کي جنم ڏين ٿا. رياست جي بدلجندڙ حالتن جو اثر به ان سماج ۾ رهندڙ فردن جي زندگين تي سڌو سنئون اثرانداز ٿئي ٿو، ڪنهن به سماج ۾ ان تي حڪمراني ڪندڙ حڪمرانن پاران ٿيندڙ قانوني ۽ غير قانوني عملن جو سڌو سنئون اثر اتي رهندڙ فردن تي پئي ٿو، ڇو ته حڪمرانن پاران کنيل قدم اتان جي فردن کي آس ۽ نراس جي ڌٻڻ ۾ ڌڪين ٿا. صحتمند سوچ رکندڙ فرد سوچين ٿا ۽ سمجهن ٿا ته سماج کي ڀلائي، بهتري ۽ ترقيءَ ڏانهن وٺي وڃڻ ملڪ جي حاڪمن جي اهم ذميواري آهي. تمام گهڻي ڏک ۽ افسوس جي ڳالهه آهي ته اسان وٽ هن وقت ماڻهن ۾ احساسِ محرومي تمام تيزيءَ سان وڌي رهي آهي. اسان وٽ حڪمرانن جا ٻٽا رويا فردن کي ان اونهي کڏ ڏانهن وٺي وڃي رهيا آهن، جتي سواءِ موت جي ڪجهه به نظر نه اچي رهيو آهي. اڄ اسان وٽ انسان زبان هوندي گونگي گاءِ وانگر زندگي گذاري رهيا آهن. سمجهه ۾ اها ڳالهه نه ٿي اچي ته ماڻهن ۾ ايتري قوتِ برداشت ڪٿان آئي آهي، جو هو پاڻ سان ٿيندڙ هر انياءَ، حق ڦرجڻ ۽ ناانصافي تي زبان ۽ چنڊ تي مهر لڳائي خاموش تماشائي بڻيل آهن. ڇا اسان مان لڇڻ، پڇڻ، ڪڇڻ واريون حسون ختم ٿي ويون آهن؟ يا ڪنهن کسي ورتيون آهن؟ هن وقت سنڌي سماج معاشي بدحالي، وڏيرا شاهي، جاگير پرستي، ذات پرستيءَ مذهبي پرستيءَ ڪري تباهيءَ ڏانهن وڌي رهيو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ايتري تباهي وڌي وئي آهي جو ماڻهن کي پنهنجي جان ۽ مال بچائڻ جي ڪا گارنٽي نه آهي، هر جاءِ دهشتگرديءَ جي لپيٽ ۾ آيل آهي، ڪا جاءِ محفوظ نه آهي، ماڻهو جڏهن گهر کان نڪري ٿو ته ان کي انهيءَ ڳالهه جي پڪ نه آهي ته هو گهر واپس ايندو به الائي نه؟ بک ۽ بدحالي جي اها حالت آهي جو ماڻهو پنهنجا معصوم ٻار وڪڻڻ لاءِ تيار آهن. پنهنجي اولاد کي بک ۾ پاهه ڏسي ماڻهو خودڪشيون ڪري رهيا آهن، نظام ۾ اڻبرابريءَ ڪري غريب ويتر غريب ۽ امير گهڻو امير ٿيندو پيو وڃي.
اڄ اسان جي سماج ۾ جيڪو نظام هلي رهيو آهي، ان ۾ سچ چوڻ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ وڏو ڏوهه آهي. ڪرپشن جي ان ڪوڙهه زده ۽ بي ايمانيءَ ۾ ورتل سماج ۾ جيڪڏهن خلق خدا جو ڪو بندو خوف خدا کڻي ضمير کي زنده رکي ڪنهن به اداري ۾ بهتري آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ته ان کي ريوارڊ ڏيڻ بجاءِ سقراط جيان زهر جو پيالو پياريو ٿو وڃي، ان لاءِ ڪات ڪهاڙا کڻي ان کي گهر ڀيڙو ڪيو ٿو وڃي.
ڪرپشن جي ان واءَ سان گڏ نه هلڻ جي ان کي سزا ڏني ٿي وڃي، ان ڪرپشن زده معاشري کي سچ ۽ حق تي هلڻ وارا ۽ ماڻهن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪرڻ وارا اک ۾ ڪنڊي جيان چڀن ٿا، جيڪي رياست جي توڙي عوام جي ڀلائي، بهتري ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم ڪن ٿا اُنهن کي پري ڪيو ٿو وڃي. سماج جون اهي اڻوندڙ حقيقتون آهن. اسان کي سوچڻ جي سخت ضرورت آهي، هي ڪهڙو نظام آهي، جتي شيخ اياز چواڻي:
سچ وڏو ڏوهاري آهي،
روز اول کان پڪڙيو ويو آ،
زنجيرن ۾ جڙڪيو ويو آ،
ڳولي ڳولي ماريو ويو آ.
سقراط ان ڪري ڏاهو بڻيو هو جو هو پنهنجي خيالن جو اظهار پنهنجي آواز وسيلي ڪندو هو ۽ پنهنجي سوچن ۽ خيالن تي هميشه بحث ڪرڻ لاءِ تيار رهندو هو. ان اعلان ڪيو ته ”زندگي فقط تڏهن جيئڻ جي قابل آهي، جڏهن توهان ان متعلق سوچيو ته توهان ڇا ڪري رهيا آهيو. هڪ خاموش ۽ بي سمجهه سوچ ۽ بي عقل خاموش زندگيءَ جو وجود ڍڳن ڍورن لاءِ ته ٺيڪ آهي، باقي انسانن لاءِ نه. هڪ فلسفي، سوچ ۽ خيالن کي لکڻ جو سخت مخالف هو، هن جي خيال ۾ لکڻ کان ڳالهائڻ وسيلي پنهنجو پيغام مؤثر طريقي سان ٻئي تائين پهچائي سگهجي ٿو.
خاموشيءَ سان ظلم سهندڙ به ظالم جو حوصلو وڌائين ٿا. ظلم ۽ زيادتيءَ تي چپ سِبندڙ به انهن زيادتين ۾ واڌاري جو سبب بڻجن ٿا، اهو ئي عوام انهن بدديانت ماڻهن کي چونڊيو ٿو، جيڪي اڳتي هلي کين پري ڌڪي ملڻ لاءِ به تيار نه هوندا آهن. عوام جي ووٽ سان منتخب ٿيندڙ نمائندا ڪنهن به ووٽر کي هٿ نه ايندا آهن ته مسئلا حل ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي ۽ پوءِ اهي ووٽ ڏيندڙ واويلا مچائيندا آهن پر (هٿ جي وڍيءَ جو نه ويڄ نه طبيب)!
معاشرا يا سماج ڪڏهن به ٺلهين ڳالهين ۽ ارادن سان نه بدليا آهن، پر تبديلي اچي ٿي پڪي نيت ۽ مستحڪم ارادن سان. اسان وٽ ناانصافي، رشوت، لاقانونيت جون دانهون ته هرڪو ڪري ٿو پر انهن سڀني مسئلن تي آواز اٿارڻ لاءِ ته ڪو به اڳڀرو نه ٿو ٿئي، عوام ويچارو ته رڳو مانيءَ ڳڀي پويان ڊوڙي ڊوڙي اڌ مئو ٿي ويو آهي. جڏهن غربت ۽ زندگيءَ جي ٻين مسئلن مان نڪرندو ته ڪجهه چئي سگهندو. اسان وٽ هر وقت ڪرپشن جو ذڪر ٿئي ٿو، آخر ڪرپشن ڇو آهي ۽ ڪير پيو ڪري؟ ڪرپشن جي آڙ ۾ عوام جو پئسو ڪير ٿو کڻي؟ ڇا ان ۾ ادارا ملوث آهن؟ ڇا ان ۾ حڪومت ملوث آهي يا مٿان ڪو سسٽم آهي، جيڪو عوام جي پئسي کي انهن تي خرچ ڪرڻ لاءِ انهن تائين نٿو پهچائي. عوام جنهن جي لاءِ بجيٽ منظور ٿين ٿا، اهي بجيٽ جا پئسا ڇا عوام تي خرچ ٿين ٿا. اهو اهڙو سوال آهي جيڪو هر ماڻهو ٻئي ماڻهوءَ کان ٿو ڪري. پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا ان ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جي سوچ ۾ ڪا اٿل آهي ته عوام جيڪو 75 سيڪڙو تعليم کان وانجهيل آهي، ان کي خبر نه آهي ته انساني حق ڇا آهن؟ هو ڪنهن به ڳالهه تي نه ته بحث ڪري سگهي ٿو ۽ نه احتساب! اها زبان ڪٿان ڪڇندي، جنهن کي ڏاڍ ۽ ڏمر جي زور تي ڳالهائڻ کان روڪيو ويو آهي. اسان جي 75 سيڪڙو آبادي ڳوٺن ۾ ٿي رهي ۽ اها ڳوٺ جي ڀوتار جي تابع آهي، ڀوتار جيڪو پاڻ اسيمبليءَ ۾ انهن غريب عوام جي ووٽ سان ايم اين اي ۽ ايم پي اي ٿي وڃي اسيمبليءَ ۾ ويهي ٿو ۽ پوءِ ان تي دولت جي ديوي مهربان ٿئي ٿي. ان جي ڳوٺ يا تڪ جا ٻار ڇو پڙهن، سڀاڻي اهي پڙهي کين سندس سامهون پٽ تي نه ويهندا، ڪنڌ هيٺ ڪري سندس آڏو نه بيهندا، بلڪه ساڻس حساب وٺندا، جيڪو هن انهن جي ابن ڏاڏن کان وٺي هنن تي ظلم ڪيا آهن. ڪاش اسان جو سماج انهن ڏاڍاين مان نڪري ان ترقي يافته دؤر جي ڊوڙ ۾ شامل ٿئي پر اهو تڏهن ممڪن آهي جڏهن خلق خدا پاڻ لاءِ آواز اٿاريندي.

اي پيپر