ڀڳل ٻانهن جو قصو!

March 24, 2017 at 7:19 pm

سرمد منصور
هيءَ ڳالهه تن ڏينهن جي آهي، جڏهن خدا جي بستي ۽ قاسم آباد کان مني بسون گاڏي کاتي ۽ گول بلڊنگ تائين اينديون هيون. اسين عام ماڻهو اڪثر اُنهن ئي گاڏين ۾ سفر ڪندا هئاسين. سفر دوران روز جيڪي مشاهدا ٿيندا هُئا، تن ۾ پينو فقيرن جي فنڪاري ڏسڻ وٽان هوندي هُئي. اُنهن ڏينهن ۾ راڻي باغ جي مُک دروازي وٽان هڪڙو چاليهه ورهين جو سانورو شخص اڪثر بس ۾ چڙهندي ڏسڻ ۾ ايندو هو، جنهن جي بس ۾ انٽري ”سڀني مسلمان ڀائرن کي السلام عليڪم“ جهڙي عام جملي سان ٿيندي هُئي. ڏانهس ورائي ڏسبو هو ته هُن جي هڪ ٻانهن ٺونٺ وٽان لٽڪيل نظر ايندي هُئي، جيڪا هُو ڳچيءَ ۾ ٻڌل رومال ذريعي سيني آڏو نمايان ڪري رکندو هو ۽ هُن جو اڳيون جملو هوندو هو، ”مسلمان ڀائرو خدا واحد شاهد آهي مان پينو فقير ناهيان، اوهان جيان ئي مان به ڪڏهن روزگار وارو هوندو هوس، هتي سامهون راڻي باغ ۾ مالهي هوس. هڪ ڏينهن وڻ تان ٽار وڍيندي هيٺ ڪري پيس ۽ منهنجي ٻانهن ڀڄي پئي. پوءِ راڻي باغ وارن به جواب ڏئي ڇڏيو. هاڻ مان نه سِر تغاري کڻڻ جهڙو رهيو آهيان نه وري ڪا ٻي محنت مزدوري ملي ٿي. الله ٿو ڄاڻي گهر ۾ معصوم ٻارڙا اٿم، ڪمائڻ وارو ڪو ڪونهي. لنگهڻ ڪاٽيندڙ ٻارڙن جي بُک کان مجبور ٿي اوهان ڀائرن آڏو هٿ ڦهلائي رهيو آهيان، منهنجي مدد ڪريو ته جيئن ٻارڙن کي اٽو وٺي ڏئي سگهان. هُن وٽ ادائگيءَ جو اهڙو ته ڏانءُ هو جو نه چاهيندي به ماڻهو کيس ڪجهه نه ڪجهه ڏئي ڇڏيندا هُئا. هينئر اهو شخص ڪٿي آهي، ڪهڙي حال ۾ آهي؟ ڪا خبر ناهي. پر مون ساڳين بسن ۾ ڪيترن ئي سالن جي مسافت دوران اِهو محسوس ڪيو هو ته هُن جي ٻانهن ڀڳل ته ضرور هُئي پر ايتري به نه جو هُو اُن کان ڪو ڪم نه وٺي سگهي. هو اڪثر بس مان لهندي ٻانهن کي ويڙهيل رومال مان ڪڍي سڌو ڪري ڇڏيندو هو، جيڪا پوءِ نارمل نظر ايندي هُئي.
اڄ صبح جو اخبار پڙهندي نه ڄاڻ الائي ڇو مون کي اُهو شخص ياد پيو، هڪ اهڙو شخص جنهن کي سوين ڀيرا اسان نظرانداز ڪري ڇڏيو هوندوسين، اُن جو اِئين ياد پوڻ سمجهه کان ٻاهر هو. پر جنهن خبر ماضيءَ جا اُهي ڏينهن ياد ڏياريا، سا مُلڪ جي اڳوڻي صدر ۽ سياسي شطرنج جي ماهر آصف علي زرداريءَ جي حوالي سان هُئي، جيڪا نجي ٽي وي  چئنل کي انٽرويو ۾ چيل ڳالهين جي آڌار ٺاهي وئي هُئي. جنهن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي ڪو چيئرمين جي اُن ڳالهه کي سڀني نمايان هيڊنگ ۾ رکيو هو ته وفاقي حڪومت ۽ وزيرن کي چئلينج ٿو ڪريان، ايئن نه ٿئي جو سيف الرحمان جيان منهنجي پيرن تي ڪرڻو پوين. شيخ رشيد جي حوالي سان سندس معنيٰ خيز جملو به اخبارن رپورٽ ڪيو آهي ته منهنجي صدارتي ڏهاڙن دوران شيخ رشيد ماني کائڻ آيو هو، پر تڏهن شايد کاڌي ۾ نمڪ گهٽ هو جو هُو مخالفت ڪري ٿو. ناهيد خان ۽ صفدر عباسيءَ جي پارٽيءَ ۾ گنجائش بابت پُڇيل سوال جي جواب ۾ اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته بينظير ڀُٽو کي گولي نه لڳي هئي. سندس اهو به چوڻ هو ته بينظير ڀٽو سان ناهيد گڏ هوندي هُئي، شهادت وقت هوءَ گاڏي ۾ اٿي نه بيٺي، جيڪڏهن گاڏي ۾ اٿي بيهي ها ته شايد بينظير بچي وڃي ها. زرداري صاحب اِهو به چيو ته اسان اڃا حادثي سبب هوش وڃايل ئي هُئاسين ته صفدر عباسي چيو ته ناهيد جي ڀيڻ محترمه تي فلم ٺاهڻ چاهي ٿي. اُن تان معاملا خراب ٿيا.
اِن حوالي سان ناهيد خان کان ضرور محترمه جي قتل جي جاچ دوران پُڇاڻو به ٿيو هوندو، پر اِهو ايڏو وڏو جواز ناهي، جنهن کي بُنياد بڻائي پيپلز پارٽيءَ جا دروازا بند ڪيا وڃن. هڪ طرف اُهي ماڻهو ڊپٽي وزيراعظم ٿي سگهن ٿا، جن کي محترمه امڪاني خطري جي صورت ۾ نامزد ڪري ٿي ته پوءِ هتي اِئين ڇو آهي. جيستائين هوش وڃائڻ واري ڳالهه جو سوال آهي ته اسان ته پنهنجي اکين سان ڏسي چُڪا آهيون ته محترمه جي جنازي کي ڪُلهو ڏيڻ وقت ماڻهن جي جيڪا حالت هُئي، تنهن ۾ تڏي تي ويهڻ وقت تمام گهڻي تبديلي هُئي، جيڪا تبديلي اڄ به تصويرن ۾ محفوظ آهي. ٿيڻ ته اِئين گهرجي ته پارٽيءَ کان محترمه جي قتل جي مڪمل جاچ، اُن جي حقيقي قاتلن جو پتو نه لڳائڻ بابت پُڇاڻو ٿيڻ گهرجي، پر اهڙي قسم جي جرئت ڪنهن کي به ناهي. هينئر ته چونڊون اچڻ واريون آهن ۽ بينظير واري سانحي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ايتري ته تازگيءَ سان ورجايو ويندو جو لڳندو ته اجهو اسين هينئر به تڏي تي ويٺا هُجون.
ماڻهن کي اُهو واقعو ور ور ڏئي ياد ڪرايو ويندو ته ڪيئن محترمه کي شهيد ڪيو ويو. شايد ڀُٽو جا دشمن ڳولي ڳولي مارينداسين جهڙا گيت هڪ ڀيرو ٻيهر هر هنڌ ٻُڌڻ ۾ به اچن، پر اسان مان ڪير به کانئن پُڇي نه سگهندو ته هيستائين هُنن ڇا ڪيو آهي جو ايندڙ وقت ۾ ڪجهه ڪري سگهندا؟ سو مان سمجهان ٿو ته مٿئين فقير جي ڳالهه اِن ڪري به ياد آئي جو مون کي لڳي ٿو ته موجوده پيپلز پارٽيءَ محترمه واري سانحي کي فقير جي ڀڳل ٻانهن بڻائي ڇڏيو آهي ۽ هو چونڊ عمل دوران واهڻ وستي وڃي ساڳي سوز گداز سان ماڻهن کان ووٽ گهرڻ شروع ڪندا، جيئن مٿئين قصي ۾ ڏنل آهي. اِهو اسان عام ماڻهن کي سوچڻ گهرجي ته آخر ڪيستائين اسين ڀڳل ٻانهن جي فريب ۾ ايندا رهنداسين؟
****

اي پيپر