هنگو (م ڊ) پاڪ فوج جي سُڌ سماءَ بابت شعبي آءِ ايس پي آر چيو آهي ته آپريشن رد الفساد تحت لوئر اورڪزئي ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو، آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ پابندي پيل تنظيم جي ڪمانڊر سميت 5 دهشتگرد مارجي ويا آهن جڏهن ٻه جواب به شهيد ٿي ويا آهن، آءِ ايس پي آر موجب انٽيليجنس ڄاڻ تي ڪيل آپريشن ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته فائرن جي ڏي وٺ دوران ميجر مدثر ۽ سپاهي مطيع الله شهيد ٿي ويا آهن، لوئر اورڪزئي جي علائقي عثمان خيل ۾ ايف سي ۽ سڪيورٽي فورسز طرفان آپريسن رد الفساد جي سلسلي ۾ آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران دهشتگردن سان ويڙهه ٿي، فورسز سان مقابلي ۾ 4 دهشتگرد ۽ هڪ پابندي پيل تنظيم جو ڪمانڊر شاهه دوران مارجي ويو جڏهن ته دهشتگردن جي ٿاڪن تان ڳري انگ ۾ هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، آءِ ايس پي آر موجب هاءِ ويليو ٽارگيٽ ٽي ٽي پي ڪمانڊر دران سميت 5 دهشتگردن کي ماريو ويو آهي.36