لاهور (م ڊ): پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين پاڪستان جي ڏهاڙي حوالي سان بيان جاري ڪندي چيو آهي ته قرارداد پاڪستان گهر ڪري ٿي ته ان جي حقيقي روح تي عمل ڪيو وڃي، ملڪ جي سمورين ڌرين ۾ مضبوط رشتي /لاءِ قرارداد پاڪستان تي عمل ڪيو وڃي، هن چيو ته پاڪستان جي باني جي خوابن جي پورائي جو هي سونهري موقعو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته نظريه پاڪستان جي حقيقي مشعل بردار طور پاڪستان پيپلز پارٽي پوئتي نه هٽندي.