حسين حقاني ۽ منهنجي سوچ ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي:آصف علي زرداري

اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي صدر ۽ پ پ ڪو چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته حسين حقاني کان جيڪو ڪم وٺڻو هو، اهو ان کي واشنگٽن ۾ سفير مقرر ڪري ورتو، هاڻي ان سان ملڻ نه ٿو چاهيان، نجي ٽي وي جي پروگرام “ڪي پيٽڪل ٽاڪ” ۾ خاص انٽرويو ڏيندي آصف زرداري وڌيڪ چيو ته حسين حقاني ۽ منهنجي سوچ ۾ وڏو فرق اچي ويو آهي، هن چيو ته حسين حقانيءَ جي پاڪستان مخالف ڳالهين سان اتفاق نه ٿو ڪيان، اهو پاڻ کي وڏو دانشور، واشنگٽن جو فلاسافي ۽ لابسٽ سمجهي رهيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *