وڏي وزير جي صدارت ۾ سنڌ اسڪولن بابت اجلاس، سهولتن لاءِ قدم کڻڻ جون هدايتون

ڪراچي (م ڊ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 45 هزار اسڪولن مان اڌ اسڪول بجلي جي سهولت کان محروم آهن، تعليم کاتي ۾ 79.15 بلين جي لاڳت سان 351 اسڪيمون آهن، جنهن مان 140 اسڪيومون جاري ۽ 211 نيون اسڪيمون شامل آهن. وزير اعليٰ هائوس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل تعليم کاتي جي اهم اجلاس ۾صوبائي وزير تعليم ڄام مهتاب ڏهر، وزير اعليٰ جو پرنسپل سيڪريٽري نويد ڪامران بلوچ چيئرمين ترقي ۽ رٿا بندي، سيڪريٽري تعليم، مالياتي سيڪريٽري ۽ ٻيا آفيسر  شريڪ ٿيا، اجلاس ۾ وڏي وزير کي اسڪولن ۾ سهولتن جي کوٽ ۽ جاري ٻين منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 4 هزار 100 اسڪول بند آهن، انهن کي هلائي سگهجي ٿو، بريفنگ ڏيندي چيو ويو ته سنڌ ۾ 1700 اسڪول تعليم ڏيڻ ڪابل ناهن، اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته پهرين مرحلي ۾ ڇوڪرين جي اسڪول ۽ ٻئين مرحلي ۾ بوائز اسڪولن ۾ سهولتون مهيا ڪيون وڃن، وڏي وزير چيو ته اسڪولن ۾ باٿ روم، ڪمپائونڊ وال ۽ پيئڻ جي پاڻي جي سهولت هر اسڪول ۾ مهيا ڪئي وڃي، مراد علي شاهه چيو ته ٻهراڙي جي اسڪولن ۾  بجلي جي لوڊشيڊنگ تمام گهڻي آهي تنهن ڪري نون اسڪولن ۾ بجلي جو ڪنيڪشن وٺڻ بدران شمسي توانائي جو انتظام ڪيو وڃي، هن چيو ته جون تائين 4هزار 100 اسڪولن مان 2500 اسڪول فعال ڪيا وڃن، هن چيو ته غير فعال اسڪولن کي بند ڪري فهرست مان خارج ڪيو وڃي ۽ غير فعال اسڪولن جي عمارتن کي ٻين ڪمن ۾ استعمال ڪيو وڃي.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *