ملڪ جي ڇهين آدمشماري

March 21, 2017 at 4:53 am

عبدالفتاح عباسي
هونئن ته سڄي دنيا ۾ آدمشماري ٿيندي رهي ٿي ۽ صاف شفاف انداز ۾ ٿئي ٿي. پرڏيهه ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ سي اين آءِ سي قومي نيشنل ڪارڊ ذريعي مڪمل ڏنل بائيو ڊيٽا مطابق وڏي مدد تحت آدمشماري ائين ٿيندي رهي ٿي ڄڻ ڪا ڳالهه ئي نه ٿي هجي ڇاڪاڻ ته ترقي يافته ملڪن ۾ ماڻهن کي پنهنجي ٽائيم جو انتهائي قدر رهي ٿو ۽ آمريڪا، لنڊن، جاپان، ملائيشيا، ڪوريا، چين سميت ٻين ملڪن ۾ آدمشماري پنهنجي وقت سر ٿيڻ ۽ پوءِ ملڪ جي صوبن رياست جي مختلف حصن کي پنهنجي پنهنجي حصو مطابق حصو ڏيڻ لازمي سمجهو وڃي ٿو.جنهن ۾ ڪنهن به ماڻهو کي ڪو به اعتراض وغيرهه نٿو رهي پر پنهنجي ملڪ ۾ هن مامري کي به هروڀرو ۽ ڄاڻي اينگهائي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي ۽ جيڪا ملڪي قانون ۽ آئين جي روح مطابق هر ڏهن سالن بعد آدمشماري ٿيڻي آهي اها هاڻي 19 سالن کانپوءِ ٿي رهي آهي پر انهيءَ لاءِ حڪمران جماعت جو ڪو به ڪمال ناهي.انهيءَ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان سخت اسٽينڊ ورتو ته آدمشماري صاف شفاف ڪرائي صوبن کي پنهنجو جائز حصو ۽ وسيلا ڏنا وڃن ۽ احساس محرومي ختم ڪئي وڃي.جنهن کان پوءِ هيءَ 19 سالن بعد ڀلائي ٿئي ٿي،هن آدمشماري جي تياري سميت مڪمل خرچ 18 ارب رپيا بجٽ ٻڌايو پيو وڃي.جنهن ۾ آدمشماري عملي سميت پوري ملڪ اندر اسڪولن جي استاد حصو وٺي رهيا آهن.15 مارچ 2017ع کان گهر شماريءَ جو سلسلو رهيو جنهن ۾ ڪيترن ئي ڪراچيءَ جي سنڌي آباديءَ جي گهر شماري رهجي وئي آهي جنهن لاءِ ميڊيا ۾ رپورٽون به آيل آهن.جنهن کان پوءِ ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي.هاڻي گهر شماري بعد ماڻهن جي ڳڻپ جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ڪنهن به علائقي ۾ ڪنهن جو گهر ئي شمار نه ڪيو ويندو ته پوءِ انهيءَ علائقي ۾ وري ماڻهو ڪئين ڳڻيا ويندا ؟.انهيءَ آدمشماري لاءِ سنڌ جون قوم پرست تنظيمون سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه ، جيئي سنڌ قومي محاذ ( جسقم بشير خان قريشي ) صنعان خان قريشي،ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، قومي عوامي تحريڪ اياز لطيف پليجو،مقصود سومرو، ايس ٽي پي قادر مگسي، گلزار سومرو، جسم جي رياض چانڊيو ۽ ٻين بار بار وڏي واڪي سنڌ جي شهر شهر وستي واهڻ نگر نگر ۾ پنهنجي قوم ۾ شعوري طور سگهارو بڻائڻ لاءِ گهر گهر در در وڃي جيڪا سنڌ جي وجود جي بچاءَ لاءِ سگهاري آدمسماريءَ بابت تبليغ پرچار ڪري رهيا آهن ته خدارا پنهنجي سنڌ وطن جي وجود کي برقرار رکڻ لاءِ سنڌ ۾ رهندڙ سموريون برادريون، قبيلا، ڪٽنب، ڀلي جو اهي راجستاني، براهوي بروهي، مارواڙي، پارسي، سرائيڪي،لورڪي، ڍاٽڪي،بلوچ انهن ۾ مختلف ذاتين ۽ پاڙن جي ماڻهن کي به پنهنجي ڌرتي ماءُ سنڌ سان نينهن نڀائڻ ۽ هن وقت پاڻ ملهائڻ گهرجي، پنجابي، اردو، گجراتي، ڪڇي، ڪاٺياواڙي سميت ٻيون بوليون ڳالهائيندڙ آهن پر اهي سڀ سنڌ مستقل رهندڙ قومون آدمشماريءَ جي ڏينهن سڀ سنڌي طور پنهنجي سڃاڻپ ڪرائين ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ آهي ته پوءِ اهي قومون به آهن نه ته سمورين قومن جي زوال جو دور ڪنهن ڀته خور، ڊرگ مافيا، ٽارگٽ ڪلرز، بوري بند لاشن جي سياست جي ور چڙهڻ سبب سموري سنڌ سورن جي ور چڙهي سگهي ٿي.حق حڪمراني ۽ سنڌ جي بقاءَ جو سوال آهي اڄ ڪلهه ڪي نا سمجهه ماڻهو پنهنجي ڪم عقلي سبب رڳو آدمشماريءَ کي بينظير انڪم سپورٽ تائيڻ محدود ڪرڻ لڳن ٿا.ميڊيا ذريعي معلوم ٿئي ٿو ته ڪٿي ڪٿي موجوده دور ۾ به آدمشماري عملي کي ڪي ماڻهو اهو چئي پنهنجي گهر جي ڀاتين جي مڪمل معلومات نٿا ڏين ته اسان پنهنجي ٻارن ( عورتن) جا نالا ٻاهر نه ڏينداسين ٻين کي وري خبر پوي، ته ڪي ماڻهو وري آدمشماري عملي کي انهيءَ لاءِ به پنهنجي پوري گهر ۾ رهندڙ ماڻهن ڀاتين جي معلومات فراهم نٿا ڪن ته اسانجي علائقن ۾ 70 سال گذرڻ باوجود روڊ رستا، ناليون گهٽيون نه ٺهيا آهن ۽ اسانجي پڙهيل لکيل تعليم يافته نوجوانن کي نوڪريون ڇو نه ٿيون ڏنيون وڃن ؟. اهڙي طرح ماڻهن جا طرح طرح جا سوال واقعي معاشري جي هر فرد جا ٿي سگهن ٿا پر هر حال ۾ ۽ هر صورت ۾ اسانکي پنهنجي قومي بيداريءَ ۽ قومي شعور جو مظاهرو ڪندي خدشن ۽ اعتراضن باوجود به پنهنجي سنڌ وطن جي هر فرد کي ڳڻپ ۾ ڳڻائڻو آهي ڪو به گهر ڪو به فرد ڪنهن به حال ۾ رهڻ نه گهرجي.متحده قومي موومينٽ ( ايم ڪيو ايم) پاڪستان جو سربراهه فاروق ستار آدمشماري جي حوالي سان چئي ٿو ته ڪراچي ۽ سنڌ جي شهري علائقن ۾ آدمشماري بلاڪ، چارج ۽ سرڪل ۾ ڄاڻي واڻي غير قانوني گهٽتائي جو اسانکي خدشو آهي. نمبر پهرين ڳالهه ته هو ڪراچي ۽ سنڌ جو ڌار ڌار ذڪر ڪري سنڌ جي وجود سان ٻه اکيائي ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو. ڪراچي سنڌ آهي ۽ انهيءَ کي ڌار لکڻ پڙهڻ يا ڳالهائڻ سنڌ سان ويساهه گهاتي برابر عمل آهي. جنهن تي سنڌ جون قومپرست جماعتون بار بار اهڙن لفظن ۽ ٻولي جي ورجاءَ تي پنهنجا مذمتي بيان نه پر عملي طرح به ميدان ملهائي ڏيکاريو آهي جنهن جو مثال 23 مارچ تي ڪراچي جي تبت سينٽر وٽ لکين ماروئڙا گڏ ڪري سنڌ جي ارڏي پٽ جسقم جي چيئرمين بشير خان قريشي ۽ انهيءَ جي بهادر ڀاءَ مقصود خان قريشي ڪراچيءَکي ڌار ۽ سنڌ مٿان وار ۽ جناح پور ۽ اهڙي هر سازش خلاف ديوار بڻجي جيڪو قومي فرض نڀايو تنهنجو ڪو مثال ئي نٿو ملي سگهي.سنڌ جا ماڻهو پنهنجي بقاءَ جي جنگ واري ميدان عمل ۾ لٿل آهن جيڪڏهن هو پنهنجي تشخص برقرار رکڻ چاهين ٿا ته بغير ڪنهن غفلت ۽ لاپراهيءَ جي ڪراچيءَ کان ڪشمور تائين پنهنجي گهرن ۾ موجود هر فرد جي بائيو ڊيٽا معلومات ڏيندا رهن ۽ پورا پورا انگ اکر صحيح صاف شفاف انداز ۾ آدمشماريءَ ۾ حصو ورتو وڃي پينسل بجاءِ پين ۽ انهن انگن اکرن جي پاڻ وٽ به تصديقي ڪاپي ضرور رکن ته جيئن سازشي عنصرن کي معلوم هئڻ گهرجي ته هن وقت ڌرتيءَ جا وارث جاڳي پيا آهن.پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور جي دوري دوران آدمشماري جي حوالي سان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته آدمشماريءَ بابت خدشا ختم ڪيا وڃن ۽ مڪمل صاف شفاف انگ اکر پينسل بجاءِ پين سان لکي روزاني جي بنياد تي ميڊيا ذريعي پڌرا ڪيا وڃن ڪنهن به صوبي ۾ ڪنهن به ملڪ جي اصل باشندي ڌرتيءَ واسيءَ کي نه رهايو وڃي انهن ۾ غير ملڪين ۽ ٻين جي لاءِ ڌار شناخت ڪرڻ گهرجي،جڏهن ته وزير اعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، پ پ سنڌ جو صدر نثار احمد کهڙو، پ پ پ لاڙڪاڻو جي نئين چونڊجي آيل صدر عبدالفتاح ڀٽو،پ پ ڊويزنل لاڙڪاڻو جي انفارميشن سيڪريٽري معشوق علي جتوئي ۽ ٻين آدمشماري جي حوالي سان چيو آهي ته اسان کي خدشا آهن انهن جو ازالو ڪرڻ گهرجي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ڪنهن به گهر جي ڳڻپ رهجي نه وڃڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ به گهر ۽ انهيءَ گهر جا ڀاتي رهجي وڃن ٿا ته اهو سنڌ جو نقصان آهي.سنڌ سموري پر اميد آهي ته سنڌ جو سينسز عملو ڪنهن به صورت ۾ پنهنجي فرض کان ڪوتائي نه ڪندو ۽ سنڌ جو عوام صحيح انگ اکر ۽ ڳڻپ جو خواشمند آهي، هنن چيو ته آدمشماري سنڌ جي عوام لاءِ گهڻيون خوشيون ۽ خوشخبريون آڻيندي سنڌ جي نوجوانن کي روزگار جا وڌيڪ وسيلا ملڻ لڳندا ۽ ڪنهن به حوالي سان سنڌ پنهنجي حصو جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ جائز حقن ۽ وسيلن کان پوئتي نه رهندي .سنڌ جي موجوده آدمشماري جي مرحلي ۽ ڇهين آدمشماري لاءِ پوري قوم سميت سنڌ جي مشهور درگاهن خانقاهن جي سجاده نشينن ۽ مذهبي اڳواڻن ۾ جمعيت علماءِ پاڪستان علامه شاهه محمد اويس نوراني.مولانا شفيق احمد قادري،سنڌ جي ناليواري مشهور درگاهه حضرت پير مٺا سائين رح جي سجاده نشين محمد عبدالغفار جان نقشبندي،درگاهه حسين آباد قمبر جا صاحبزاده سيد عطاءُ الله شاهه بخاري،درگاهه مشوري شريف جي پروفيسر منظور احمد مشوري،درگاهه کهڙا شريف جي گادي نشين مخدوم نديم احمد هاشمي ۽ ٻين علماءَ ڪرام به واضع نموني پنهنجو موقف رکندي چيو آهي ته سنڌ جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ هيءَ آدمشماري تمام ضروري آهي پر انهيءَ کان به وڌيڪ انهيءَ ڳالهه جي ضرورت آهي ته هن آدمشماري کي صاف ۽ شفاف بڻائيندي گهر گهر وڃي پورا ۽ مڪمل انگ اکر وٺي پنهنجن شهرن پنهنجن علائقن ۽ پنهنجي صوبي جي ماڻهن جي معلومات ورتي وڃي ڪنهن به گهر ۾ رهندڙ ماڻهن مردن، عورتن، ٻارڙن پيرسن بلڪ نئين ڄاول ٻار جو به نالو لکرايو وڃي ۽ ڪنهن کي نظر انداز يا پوئتي رکڻ جي ڀلَ ۾ به غلطي نه ڪئي وڃي. ڇاڪاڻ سنڌ جا سمورا وسيلا ۽ بنيادي حق انهيءَ ملڪي آدمشماريءَ سان وابسته آهن.درگاهن خانقاهن جي پير صاحبان ملڪي سطح تي ٿيندڙ آدمشماريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺڻ لاءِ پنهنجي مريدن عقيدتمندن کي آدمشماريءَ ۾ ڀرپور حصو وٺي هڪ قومي فريضي ۾ شامل ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي.جنهن کانپوءِ سنڌ جي درگاهن سان وابسطا ماڻهن پنهنجي انفرادي طور تي پينا فليڪس بئنرز لڳائي وڌيڪ سرگرميون جاري ڪري ڇڏيون آهن ڇاڪاڻ سنڌ ڌرتيءَ جو وجود،بقاءَ ۽ سلامتي انهيءَ ڳالهه ۾ سمايل آهي ته سنڌي ماڻهو پنهنجي هر پليٽ فارم تي اهو ئي آواز اٿارين ته اسان کي پنهنجن محلن، پاڙن،گهٽين، ڪالوني،علائقن، شهرن، ڳوٺن وستين مصقد ته هر لحاظ تي متحرڪ مقصد لاءِ اڳتي اچي نه رڳو فوٽو سيشن، اخباري،ميڊيائي نيوز لاءِ نه پر عملي طرح سنڌ جون قومپرست پارٽيون،وفاقي پارٽيون،مذهبي جماعتون ۽ اين جي اوز کي به آدمشماري جي لاءِ عملي ميدان ۾ اڳتي اچڻ کپي ۽ ڪئمپون لڳائي آدمشماري عملي سان ڀرپور ۽ بهتر تعاون ڪندي ڏورانهن علائقن ۾ به ماڻهو لکرائي پنهنجي سڃاڻپ سنڌي ئي ڪرائڻي آهي.ڇاڪاڻ ته جنهن جو کاڌو وڃي ٿو انهيءَ جو ئي ڳائڻو پوندو ائين نه ٿئي ته کاڌو سنڌ امڙ جو وڃي ۽ ڳايو وري ڪنهن ٻئي جو وڃي. اهڙي ڀاءُ کان بهتر آهي ته ….؟ سنڌ ۾ لکين افغانين ، برمين، بهارين بنگالين، اذبڪستانين سميت دنيا جي ڪنڊڪڙڇ مان لوڌيل غير ملڪين ڀڳوڙن جيڪي روزانو سنڌ ۾ غير قانوني انداز ڪٽڪن جي صورت ۾ اچي رهيا آهن انهن جي ناڪابندي ڪندي روڪڻ لاءِ سنڌ جي سرحدين وٽان روڪ ٿام ڪندي اپاءَ ورتا وڃن ۽ سنڌ کي وڌيڪ دنيا جي بين الاقوامي يتيم خاني بڻائڻ جي ڪوشش کان بچايو وڃي انهيءَ سان نه صرف سنڌ امن سلامتي ۽ سک جو ساهه کڻڻ لڳندي پر صوفياڻي سنڌ جو ٻيهر روشن ستاري جهڙو ڏيک پڻ ڏيڻ لڳندي..
****

اي پيپر