سنڌ ۾ پ پ جي متبادل جي تلاش

March 21, 2017 at 4:49 am

رشيد سومرو
اقتدار جي اٿل پٿل ڪندڙ سگهارين ڌرين پاران سنڌ ۾ پ پ جي متبادل قيادت جي تلاش جو ڪم ڳجهي نموني شروع ٿي ويو آهي، ان سلسلي ۾ انهن ڌرين پاران پهرين ترجيح هالا جا مخدوم ٻڌايا پيا وڃن، جن جي سنڌ ۾ نهايت بهتر سياسي ساک کان علاوه روحاني اثر به آهي. سگهارين ڌرين جي ڪوشش آهي ته مخدومن کي پ پ کان الڳ ڪري هڪ نئون سياسي اتحاد جوڙيو وڃي، جنهن ۾ پير صاحب پاڳاري جي فنڪشل ليگ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، لاڙڪاڻي جا انڙ ۽ جميعت علماءِ اسلام کان علاوه ان ۾ آزاد اميدوارن کي به شامل ڪيو وڃي. ذريعن موجب ان سلسلي ۾ مخدوم جميل الزمان تي سندس نو لک مريدن جو اصرار آهي ته هو پ پ کان ڌار ٿئي پر مخدوم صاحب کوڙ سارين شڪايتن جي باوجود اڃان تائين پ پ کان علحدگي جو فيصلو نه ڪيو آهي. چيو پيو وڃي ته نئين جڙندڙ اهڙي اتحاد جي سرواڻي مخدومن حوالي ڪرڻ جا اشارا ڏنا ويا آهن.
جيڪڏهن سنڌ ۾ پ پ خلاف مضبوط سياسي اتحاد جڙي ٿو ۽ مخدوم صاحب ان جي ممڪنه قيادت ڪري ٿو ته پوءِ ان ڳالهه جو به امڪان موجود آهي ته فنڪشنل ليگ ۽ غوثيه جماعت جو روحاني سرواڻ مخدوم شاهه محمود قريشي ذاتي طور تي ۽ تحريڪ انصاف جو به اتحاد ممڪن آهي پر جي مخدوم پ پ کان ڌار نه ٿا ٿين ته پوءِ اهڙي اتحاد جي قيادت فنڪشل ليگ جي حوالي ڪئي ويندي. ڪجهه ڏينهن اڳ گورنر سنڌ جي پير پاڳاري سان ملاقات به ان سلسلي جي ڪڙي سمجهي وڃي ٿي، جنهن ۾ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ لاءِ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ساڳئي نموني نواز ليگ پاران به پ پ کي ڊيڄارڻ لاءِ وزيراعظم جا هڪ هفتي ۾ سنڌ جا ٻه دورا پڻ وڏي اهميت رکن ٿا. جڏهن ته وزيراعظم سنڌ جي ٻين شهرن جا دورا ڪرڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. تحريڪ انصاف به هاڻي باقائده نموني سنڌ ۾ لهڻ جون تياريون ڪري پئي. ايندڙ ڪجهه هفتن ۾ صورتحال وڌيڪ واضح ٿي ويندي پر اها حقيقت پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته پ پ خلاف ڪو اتحاد ميدان ۾ اچي رهيو آهي.
پ پ کي اهڙي ڳالهه جي سڻس پوندي ئي آصف زرداري، مخدوم جميل الزمان سان ملاقات ڪري ان جي سمورن خدشن کي ختم ڪرائڻ جو يقين ڏياريو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل چئن سالن کان پي پي قيادت ۽ مخدومن ۾ وڇوٽيون وڌنديون رهيون، مخدومن کي ضلعي جو پ پ صدر به نه ڏنو ويو، مخدوم جميل کي پ پ حيدرآباد ڊويزن جي صدارت به نه ڏني وئي، پر تازو ٿيل ملاقات کان پوءِ ذريعن جو چوڻ آهي ته چار اپريل تي شهيد ڀُٽي جي ورسيءَ جي موقعي تي مخدومن کي گهڻو ڪجهه ڏيڻ جو آسرو ڏنو ويو آهي. ان مان اهو واضح آهي ته پ پ قيادت کي ان قسم جي جوڙ توڙ جو پتو پئجي ويو آهي، جنهن ڪري هو هاڻي مخدومن تي سياسي هٿ رکڻ گهرن ٿا پر جي چار اپريل تي مخدوم جميل الزمان کي ڪا خاص ذميواري نه ڏني وئي ته پوءِ سياسي تبديلي جي امڪانن کي رد نٿو ڪري سگهجي.

اي پيپر