ڪراچي(م ڊ) بلاول ڀٽو زرداري سوڊان ۾ باغين هٿان بدين واسي انجنيئر اياز جمالي جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي سرڪار کان مطالبو ڪيو آهي ته انجنيئر جي بازيابي لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن. پيپلز پارٽي ميڊيا سيل پاران جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته پرڏيهي وزارت انجنيئر ۽ ساٿين جي بازيابي لاءِ سفارتي ڪوششون ڪري. ٻئي طرف بدين ۾ انجنيئر اياز جمالي بازياب نه ٿيڻ تي سندس وارثن کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن، سندس گهر ۾ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آهي. جڏهن ته انساني حقن واري تنظيم جي سربراهه انصاربرني، حسين هارون ۽ ملحيه لوڌي اغوا ٿيل انجنيئر اياز جمالي جي وارثن سان رابطو ڪري سندس بازيابي لاءِ ڪوششون وٺڻ جي خاطري ڪرائي آهي. مغوي انجنيئر جي ڀاءُ الطاف جمالي ۽ ڀيڻ عابده جمالي حڪومت ۽ انساني حقن جي تنظيمن کي اپيل ڪئي آهي ته سندن ڀاءُ کي جلد بازياب ڪرايو وڃي.