اسلام آباد(بيورو) نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت رد ڪرائڻ جي لاءِ اسان وٽ خاص ثبوت موجود آهن ۽ اسان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ کي گرفتار ڪرڻ جا بندوبست مڪمل ڪري ڇڏيا آهن. نيب اختيارين جو چوڻ آهي ته موڪلن جي ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طرفان جاري ٿيل شرجيل ميمڻ جي حفاظتي ضمانت جا حڪم اسان کي ناهن مليا ان ڪري شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو. ايئرپورٽ تي شرجيل ميمڻ کي گرفتار ڪرڻ کان اڳ ئي هن عدالتي گرفتاري ورنٽ ڏيکاريا هئا ۽ هيڊ ڪوارٽر ۾ شرجيل ميمڻ سان سٺو سلوڪ ويو ويو.