شهيد سورھ بادشاھ جي بهادري تي سنڌي قوم کي ناز آهي: شاد کوسو

حيدرآباد (اين اين آءِ) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين شاد کوسي وطن يا ڪفن آزادي يا موت جو نعرو لڳائي سامراج قوت سان جنگ جوٽيندڙ سورھ بادشاھ کي سنڌ جو سورمو قرار ڏيندي چيو ته شهيد سورھ بادشاھ جي بهادري تي سنڌي قوم کي ناز آهي، شهيد سورھ بادشاھ جهڙا همٿ ڀريا اڳواڻ صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، اهڙو اظهار هن ميدِا سيل سورھيه بادشاھ جي جدوجهد کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ ڪوٺايل ميڙاڪي ۾ ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته شهيد سورھ بادشاھ سامراج قوتن سان مهاڏواٽڪائي سنڌ وطن تان قربان ٿي ويو، هن وڌيڪ چيو ته ان وقت جڏهن سنڌ جا سمورا پير مير سردار انگريزن سامراج جي خوشنودي حاصل ڪرڻ ۾ مصروف هئا ته ان وقت سورهيه بادشاھ پنهنجي حياتي جي پرواھ نه ڪندي انگريز سامراج جي سنڌ ۾ بيٺڪيت ۽ بربريت خلاف جنگ جو اعلان ڪري همٿ ۽ بهادري سان مقابلو ڪندي شهيد ماڻي نئين تاريخ رقم ڪئي، سنڌي ماڻهن کي سورهيه بادشاهي جي سورهيائي تي فخر آهي، هن وڌيڪ چيو ته مني صدي گذرڻ باوجود  اڄ به  شهيد سورهيه بادشاھ سنڌي ماڻهن جي دل جي ڌڙڪن بڻيل آهي، هن وڌيڪ چيو ته جڏهن کان سنڌي ماڻهن سورهيه بادشاھ جي فڪر کي پٺي ته وري غاصب قوتن نئين روپ ۾ سنڌ جو استحصال ڪرڻ شروع ڪيوآهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ به  استحصالي قوتون سنڌين جو استحصال ڪري رهيون آهن،ان موقعي تي ڳالهائيندي شاد کوسي وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار جي عدم دلچسپي ڪري  ڪراچي حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ ٿيندڙ گهر شماري جو پهريون پهريون مرحلو مڪمل طرح سان ناڪام ٿيوآهي، ڪراچي حيدرآباد سميت ٻين شهرن ۾ 50 سيڪڙو ڳڻپ نه ٿي سگهي آهي،هن چيو ته سنڌ سرڪار ۽ شماريات کاتي جي ملي ڀڳت سان آدم شماري ۾ لساني سوچ رکندڙ عملو مقرر ڪري انهن کي اچي ڪاري جو مالڪ بنايوويو جن منظم رٿابندي تحت هڪ طرف سنڌي علائقن کي شماريات ۾ شامل نه ڪيو ته ٻي طرف وري سنڌي علائقن ۾ پيسنل جو استعمال ڪيوويو، پينسل استعمال ڪرڻ جو مقصد نتيجا تبديل ڪرڻ آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار جي عدم دلچسپي ڪري ٿيندڙ  آدم شماري ۾ سنڌ جو وڏو نقصان ٿيوآهي، سنڌ جي ٿيندڙ نقصان جي ذميوار پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار آهي.ان موقعي تي پارٽي اڳواڻن سميت مختلف سياسي سماجي اڳواڻن پروفيسر سچل ڪلوڙ، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ، الطاف مهر، ماجد سيال، نادر کوسو، سارنگ سولنگي ۽ ٻين پڻ شهيد سرهيه بادشاھ کي پنهنجن پنهنجن لفظن سان پيٽا پيش ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *