گهرو وزير اسپاٽ فڪسنگ ۾ سمورن ڪرڪيٽرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي
March 21, 2017 at 4:08 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (اين اين آءِ) گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث سمورن ڪرڪيٽرن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي منظوري ڏيندي اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث رانديگرن سان انهن سٽي بازن جي خلاف به ڪارروائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪي ان عمل ۾ ملوث آهن گهرو وزارت پاران جاري بيان مطابق گهرو وزير چوڌري نثارعلي خان جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ گهرو سيڪريٽري ايڊووڪيٽ جنرل نادره پي ٽي اي ايف آءِ اي ۽ گهرو وزارت جا سينيئر آفيسر شامل هئا. اسپاٽ فڪسنگ جي معاملي تي ايف اءِ اي اختيارين پاران گهرو وزير کي ٻڌايو ويو ته خالد لطيف ۽ محمد عرفان ايف آءِ اي کي پنهنجا بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيا آهن جڏهن ته وڌيڪ رانديگر سڀاڻي پنهنجا بيان ڏيندا گهرو وزير پي ٽي اي جي اختيارن کي هدايت ڏياري ويئي ته ڪرڪيٽ ۾ جيڪي ان کي هٿي وٺرائيندڙ سمورن ويب سائيٽن کي به بند ڪرڻ جا قدم کنيا وڃن ته جيئن اهڙي عمل لاءِ ڪارروائي ڪري سگهجي گهرو وزير ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته اسپاٽ فڪسنگ جي معاملي جي هر پهلو سان شفاف ۽ غير جانبدارانه جاچ ڪئي ويندي ته جيئن پاڪستان جو نالو بدنام ڪرڻ وارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو وڃي ۽ ڪيس کي منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي هن چيو ته ان معاملي جي جاچ ۾ زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪئي وڃي ۽ ڪنهن به ملوث ماڻهو سان ڪنهن قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. ايف آءِ اي اختيارين نادره بلڊنگ ڪيس تي هن وقت تائين اڳڀرائي کان به گهرو وزير کي آگاهه ڪيو گهرو وزير هدايت ڪئي ته آئينده نادره آفيسر جي لاءِ ڪابه عمارت ڪرائي تي وٺڻ بدران پنهنجي عمارت اڏاوت ڪرڻ کي ترجيحي ڏني. هن نادره اختيارين کي هدايت ڪئي ته نادره جي پنهنجي عمارتن لاءِ سرڪاري زمينن جي نشاندهي ڪئي وڃي ۽ عمارتن جي تعمير لاءِ مرحليوار بلڊنگ پلان ترتيب ڏنو وڃي اجلاس ۾ برطانوي هوم سيڪريٽري جي پاڪستان جي دوري جي سلسلي ۾ ڪيل سيڪيورٽي انتظام ۽ دوري دوران اميگريشن سي ٽي ڊي ۽ هيومن ٽريفڪنگ جهڙن مختلف معاملن ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ممڪن ٻطرفي معاهدن تي غور ڪيو ويو اي سي ايل ۾ وجهڻ وارن رانديگرن شرجيل خان، خالد لطيف، ناصر جمشيد، شاهزيب حسن ۽ محمد عرفان شامل آهن.