اقتصادي لنگهه کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ زبان اهم آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد(بيورو) صدر ممنون حسين چيو آهي ته اقتصادي لنگهه کي ڪامياب بڻائڻ جي ڏس ۾ خطي جي ملڪن جي وچ ۾ آسان رابطن لاءِ نئين لساني تجربن جي ضرورت هوندي جنهن لاءِ اردو زبان بهترين بنياد فراهم ڪري ٿي، ان سلسلي ۾ پاڪستاني ٻولي جا ماهر ۽ نمل يونيورسٽي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز جي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي چئي. صدر چيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري کي فعال بنائڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ غير ملڪي واپارين، صنعتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان لاڳاپيل ماڻهن جي وڏي تعداد ۾ آمدرفت جو سلسلو شروع ٿئي ته ٻولي جا مسئلا گڏيل رابطن ۾ رڪاوٽ نه بڻجي سگهن، انهي سوچ کي نظر ۾ رکندي ايوان صدر جي خرچن ۾ گهٽتائي ڪري نمل کي هڪ موچاري رقم عطئي طور پيش ڪئي هئي ته جيئن گوادر ۾ ان يونيورسٽي جو ڪيمپس قائم ڪري اتي جي نوجوانن کي چيني ٻولي سيکاري سگهجي. صدر شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسلامي تعليم ۾ انتهاپسنداڻي طرز عمل جي گنجائش نه آهي ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ان جي اجازت ڏي ٿو، دين برحق ۽ وطن عزيز جي آئين جي روح موجب اعتدال جي راهه ڇڏيندڙ مڪمل طور تي گمراهه ۽ ناقابل معافي آهن، رياست ۽ رياستي ادارا ان اڻونڻدڙ سرگرمين ۽ ان جي ذميدارن جي خاتمي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن پر ملڪ جو پڙهيل لکيل طبقو، خاص طور تي نوجوانن جي هي پهرين ذميداري آهي ته هو گمراهي تي ٻڌل بيانن جي ترديد ۽ فڪري رستي تي ٻڌل جوابي بيانن جي فروغ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻين، هن چيو ته اسان اڄ پاڪ چين اقتصادي راهداري جي صورت ۾ علائقائي مواصلات رابطن جي جنهن انقلاب جي اميد ڪري رهيا آهيون، ان کي يقيني بڻائڻ لاءِ به دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ اڻٽر آهي، مون کي يقين آهي ته اسان جا ٻار ان سلسلي ۾ قوم جي اميدن تي پورو لهندا. صدر ممنون حسين چيو ته نمل چين ۽ وچ ايشيا کان وٺي اوڀر يورپ تائين جي يونيورسٽين سان پنهنجي تعاون جو سلسلو وڌائي ته جيئن انهن ملڪن جي تجربن مان فائدو کڻي گڏيل رابطن ۾ آساني پيدا ڪري سگهجي، هن چيو ته خوشي آهي ته نمل ان سلسلي ۾ مستقبل جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي منصوبابندي ڪري رهي آهي، ان موقعي تي صدر ڪامياب شاگردن ۾ سندون ورهايون، تقريب ۾ ڊاڪٽر مختار احمد، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين جنرل (ر) ضياءُ الدين نجم، ريڪٽر نيشنل يونيورسٽي آف ماڊرن لينگويجز ، تعليمي ماهر، شاگرد ۽ والدين جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *