ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين جي ضمانت وارين ٻن درخواستن تي ڌرين جا دليل مڪمل ڪري عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ٻن ججز جي اختلافي فيصلي سبب ٻڌڻي ڊاڪٽر عاصم جي درخواستن تي ريفري جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ ڪئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ريفري جج جسٽس آفتاب احمد ڳورڙ جي عدالت ڊاڪٽر عاصم حسين جي ٻن ڪيسن ۾ ضمانت وارين درخواستن تي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو، ان کان اڳ ٻن ججز اختلافي فيصلو ڏنو، هڪ جج فاروق شاهه ڊاڪٽر عاصم جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي هئي، جڏهن ته جسٽس محمد ڪريم خان آغا ميڊيڪل رپورٽس جي بنياد تي ضمانت منظور ڪئي هئي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل لطيف کوسي دليل ڏيندي چيو ته ڊاڪٽر عاصم کي طبي سهولتون فراهم نٿيون ڪيون وڃن، پاڪستان ميڊيڪل بورڊ جيڪا رپورٽ ڏني آهي، ان تي غور نٿو ڪيو وڃي.