ڪراچي (اين اين آءِ) ٽيڪس وصولين ۾ مسلسل کوٽ سبب بجيٽ خساري کي ڪنٽرول ڪرڻ ناڻي جي وزارت لاءِ وڏو چئلينج بڻجي ويو آهي حڪومت بجيٽ خسارو پورو ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان هلندڙ مالي سال کان پهريان ستن مهينن دوران 722 ارب رپين جو قرض ورتو آهي اسٽيٽ بئنڪ جي تازي رپورٽ موجب وفاقي حڪومت هلندڙ سال جي پهرين ستن مهينن جولاءِ کان جنوري 2017 دوران اسٽيٽ بئنڪ کان 1015 ارب 62 ڪروڙ رپين جو قرض ورتو ان قرض سان بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ 722 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا رپورٽ موجب گذريل مالي سال جي انهيءَ عرصي دوران حڪومت بجيٽ خساري کي پورو ڪرڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ کان 543 ارب جو قرض ورتو هو ان دوران صوبائي حڪومتن اسٽيٽ بئنڪ کي 48 ارب رپيا قرض ادا ڪري ڇڏيو پنجاب ۽ سنڌ 18-18 ارب بلوچستان 23 ارب رپيا گلگت بلتستان 5 ارب رپين جو قرض واپس ڪيو. جڏهن ته ان دوران ڪي پي ڪي 12 ارب ۽ آزاد ڪشمير 70 ڪروڙ رپيا قرض ورتو رپورٽ موجب نقصان ۾ هلندڙ سرڪاري ادارن بئنڪنگ سيڪٽر مان 72 ارب رپيا قرض ورتو ايف بي آر کي ستن مهينن دوران ٽيڪس جي وصولي ۾ 140 ارب رپين کان وڌيڪ کوٽ درپيش آهي.