هر پاڪستاني سي پيڪ جو محافظ آهي: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(م ڊ)ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور چيو آهي ته هر پاڪستاني پاڪ چين اقتصادي راهداري جو محافظ آهي، ملڪ جي معاشي خوشحالي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ بهترين هٿيار آهي، بيجنگ ۾ پاڪستاني سفير مسعود خالد سان ملاقات بعد پريس ڪانفرنس ڪندي ميجر جنرل آصف غفور وڌيڪ چيو ته سي پيڪ جي سيڪيورٽي لاءِ پاڪ فوج ۱۵ هزار جوانن تي ٻڌل هڪ خاص ڊويزن تيار ڪئي آهي، هن چيو ته پاڪ بحريا به خاص ٽاسڪ فورس تيار ڪري گوادر ۾ مقرر ڪري ڇڏي آهي، پاڪستان جي سمورن صوبن ۾ به ان حوالي سان سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ان موقع

ي تي پاڪستاني سفير مسعود خالد چيو ته ۱۹ هزار چيني شهري پاڪستان اندر مختلف منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهن، جن جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *