ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو آهي ته پي ٽي آءِ جو گم ٿيل اڳواڻ نديم ميمڻ گھر پهچي ويو آهي، نديم ميمڻ گھر پهچڻ جو اطلاع پاڻ پوليس کي ڏنو، ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ملير رائو انوار چيو ته نديم ميمڻ کي جيڪي ماڻهو وٺي ويا هئا انهن کيس پاڻ ئي ڇڏي ڏنو آهي، نديم ميمڻ جو بيان رڪارڊ ڪيو پيو وڃي، پوءِ ڪيس به داخل ڪيو ويندو، پي ٽي آءِ اڳواڻ کي ڪنهن اغوا ڪيو هو ان بابت سندس بيان اهم آهي، گذريل ڏينهن نديم ميمڻ جي پٽ ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي ۾ پيءُ جي اغوا جي درخواست داخل ڪرائي هئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نديم ميمڻ کي حاجي عبدالڪريم ڄام نالي شخص جي سڏ تي گھر کان وٺي ويا هئا، جيڪي ماڻهو کيس وٺي ويا هئا انهن ٻڌايو ته نديم ميمڻ انهن وٽ نه آهي