اسلام آباد (بيورو) فوجي عدالتن جي مُدي ۾ 2 سالن جي واڌ تي پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ اتفاق ٿي ويو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته فوجي عدالتن جي قيام بابت بل سومر جي ڏينهن قومي اسيمبليءَ مان منظور ڪرايو ويندو، اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق جو چوڻ هو ته ڏيڍ مهيني جي محنت ۽ ڪوشش سان اتفاق ٿي ويو آهي، سڀني سياسي پارٽين فوجي عدالتن جي قيام تي اتفاق ڪيو آهي، فوجي عدالتن جي قيام قومي مفادن جو معاملو آهي، پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس ۾ ٻن سالن جي لاءِ فوجي عدالتن جي قيام تي اتفاق ڪيو ويو آهي، سياسي جماعتن سڀاڻي قومي اسيمبليءَ ۾ ترميمون پيش ڪنديون، پيپلز پارٽي4 جي 9 مان 4 نقطن تي اتفاق ڪيو ويو آهي، مذهب جي لفظ تي جي يو آءِ (ف)، جماعت اسلاميءَ سان ڳالهائڻ جي ضرورت آهي، قومي سلامتيءَ جي ڪميٽي ٺاهڻ جي منظوري به ڏئي ڇڏي آهي، اسيمبلي جي اسپيڪر وڌيڪ چيو ته بل اڱاري جي ڏينهن سينيٽ ۾ به پيش ڪيو ويندو، پارلياماني اڳواڻن جمهوري ماڻهو آهن، ملڪ جنگ جي حالت ۾ آهي، قومي سلامتيءَ جي ڪميٽي فوجي عدالتن جي معاملن تي نظر رکندي، سينيٽ، قومي اسيمبليءَ جي سڀني پارلياماني ليڊر قومي سلامتي ڪميٽيءَ جا ميمبر هوندا.36