ڪراچي ۾ سي پي اين اي جو اهم اجلاس، پرنٽ ميڊيا جي مالڪن کي درپيش مسئلن بابت غور ويچار

ڪراچي(پ ر) سي پي اين اي انفارميشن ڪميونڪيشن اينڊ ٽيڪنالاجي ڪميٽي جو اجلاس ڊپٽي چيئرمين عبدالرحمان منگريو جي سربراهي ۾ سي پي اين اي سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ گڏيل تعلقات جي مضبوطي لاءِ ويب سائيٽ کي جديد طرز تي اپ ڊيٽ ڪرڻ لاءِ ميمبرن لاءِ مفيد ۽ جامع معلومات جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا، جاري ڪيل بيان موجب ٽه ماهي جريده (مدير) جي نالي سان شايع ڪيا ويندا، جنهن جو ايڊيٽر سي پي اين اي جي سيڪريٽري جنرل هوندو، جريدي ۾ انگلش ۽ اردو سميت علائقائي زبانن ۾ سي پي اين اي جي سرگرمين ۽ پرنٽ ميڊيا جي مالڪن جي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ سان گڏ قومي ۽ بين الاقوامي مضمون ۽ ڪالم به شايع ڪيا ويندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *