آدم شماري ۾ هٿ وٺي سنڌين کي اقليت ۾ ظاهر ڪرڻ واري ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيوآهي؛شاد کوسو

ڪراچي ( پ ر ) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين ۽ سنڌ آدم شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي اڳواڻ شاد کوسو، پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن پروفيسر سچل ڪلوڙ، ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ، الطاف مهر، احمد سومرو، وزير بهلڪاڻي، انور مغل ۽ ٻين چيو ته آدم شماري ۾ هٿ وٺي سنڌين کي اقليت ۾ ظاهر ڪرڻ واري ايجنڊا تي ڪم ٿي رهيوآهي، هڪ سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪراچي حيدرآباد سميت مختلف شهرن ۾ پينسل جو استعمال ٿي رهيوآهي، پر سنڌ سرڪار پينسل جي استعمال کي روڪڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي، هنن وڌيڪ چيو ته اسان آدم شماري ۾ سنڌ جي خدشن بابت سنڌ سرڪارکي آگاھ ڪيوپر سنڌ سرڪار سنڌين جي خدشن کي بلڊور ڪري سنڌ دشمن قوتن کي راضي ڪيوآهي، هنن وڌيڪ چيو ته آدم شماري تي سنڌ سرڪار جو فريم ورڪ نه هئڻ ڪري عملو20 سال پراڻن نقشن تي ڪم ڪري ڪري رهيوآهي، 20 سال پراڻي نقشن سان ٿيندڙ آدم شماري ۾ شهرن ۾ رهندڙ سنڌين جي نئين آبادي ڳڻپ کان رهجڻ جو انديشوآهي، هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي اندر مختلف محڪمن اندر هزارين سنڌي ملازم آهن پر آدم شماري واري عمل ۾ سنڌي ملازمن کي نظر انداز ڪري ڪراچي جي سنڌي ڳوٺن ۾ لساني سوچ رکندڙ عملي کي مقرر ڪيوويوآهي، مقررڪيل عملو پنهنجي آقائن جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيوآهي،هنن وڌيڪ چيو ته سنڌين جي ووٽن تي چونڊيل سنڌ سرڪار آدم شماري بابت ڪي به جوڳا اپاءُ ناهن ورتا،جنهن سبب ٿيندڙ آدم شماري ۾ سنڌ جو وڏو نقصان ٿيندو، سنڌ جي ٿيندڙ نقصان جي ذميوار پيپلز پارٽي جي سنڌ سرڪار هوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *