40 سال علم پڙهايو،شاگرد ۽ استاد جو رشتو روحاني پيءُ ۽ ماءُ جيان آهي؛محمد صالح سومرو

نصيرآباد ( ڳالهه ٻولهه عاشق حسين ڦلپوٽو ) سنڌ کي چار ڪتاب ڏيندڙ ۽ اڳواڻي چيف جسٽس آف پاڪستان راڻا ڀڳوانداس جي ڪلاس ميٽ سائين محمد صالح سومرو سخصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته مان 40 سال علم پڙهايو شاگرد ۽ استاد جو رشتو روحاني پيء ماء جيان آهي ۽ جن کي مون پڙهايو آهي هزارين شاگرد اڄ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن مان پنهنجي دور ۾ مزدورن پورهيتن کي شام جي وقت پڙاهئيندو هيس ڪنهن کان به رقم نه وٺندو هيس مزدور شاگرد ڏينهن جو پورهيو ڪندا هئا ۽ شام جي ٽائيم ۾ مفت ۾ تعليم پرائيندا هئا هن چيو ته اسان وٽ مذهب  جو ڪوبه فرق نه هيو هن چيو ته موجوده دور جا خاص ڪري پرائيويٽ اسڪول سنڌي قوم جا ڏوهي آهن جن مادري زبان کي وڃايو آهي صرف پيسن خاطر گليمر تي زور آهي ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم زيرو آهي هن چيو ته بهتر تعليم  لاءِ بهتر استاد ۽ والدين جو ڪردار هجڻ گھرجي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *