ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مردم شماري جا جيڪي قاعدا ۽ ضابطا سامهون رکيا ويا انهن جي ابتڙ ڪم ٿي رهيو آهي، وفاقي ناڻي واري وزير سان گڏجي انهن کي مردم شماري جي حوالي سان خدشن بابت آگاهه ڪندس. وڏي وزير وفاقي وزير اسحاق ڊار سان رابطو ڪري مردم شماري جي خدشن بابت آگاهه ڪندو، هن چيو ته پهرين به اسحاق ڊار سان ان سلسلي ۾ رابطو ڪيو هو، ان ملاقات ۾ اسان کي ٻڌايو ويو ته بلڊنگ جي هر فليٽ کي ڳڻيو ويندو، جڏهن ته هاڻ اطلاع ملي رهيا آهن ته مردم شماري۾ هر گهر کي ناهي ڳڻوي ويو.