آدم شماري جي عمل تي ماڻهن جي کٽڪن جو ڇا ٿيندو؟!

March 15, 2017 at 9:06 pm

ڪراچي (تبصرو: ارشد سولنگي) ملڪ ۾ 19 سالن کان پوءِ شروع ٿيندڙ آدم شماري جاري آهي، آدم شماري اصل ۾ صوبن جي روينيو، قدرتي وسيلن ۽ آمدنيءَ تي صوبن جي عوام جو حق هوندو آهي، صوبن جي عوام جي پراڻي خواهش سپريم ڪورٽ جي حڪمن کان پوءِ شروع ٿي چڪي آهي، سڄي ملڪ سميت ڪراچيءَ ۾ پڻ آدم شماري شروع ٿي ۽ آخرڪار اهو 15 مارچ جو سج به اڀريو، آدم شماريءَ کان اڳ سنڌ جي قومپرست ڌرين، سڄاڻ ڌرين ۽ سنڌ جي گھڻ گھرن پاران آدم شماريءَ جي شفافيت تي تمام گھڻا کٽڪا ظاهر ڪيا ويا هئا، ايتري قدر جو پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي سياسي پارٽي جي نوجوان چيئرمين بلاول ڀُٽي زرداري پاران به آدم شماريءَ تي کٽڪا ظاهر ڪندي ان جي بهتر نموني ٿيڻ ۽ غير تڪراري ٿيڻ جي گھر ڪئي وئي، جڏهن ته 15 مارچ جي صبح ساڻ ئي سنڌ جي گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ اهي خبرون گرم رهيون ته اردو ڳالهائيندڙ وسندين پاران آدم شماري عملي کي گاهه ئي نه پيو وڌو وڃي، اڪثر علائقن ۾ عورتن پنهنجي گھرن جا دروازا کولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڄاريءَ وارن دروازن مان ئي آدم شماري عملي کي ڏسي انهن سان سهڪار ڪرڻ کان انڪار ڪيو ويو، جڏهن ته سنڌي آباديون ۽ سنڌي جيڪي پنهنجي بقا ۽ صوبي جي وسيلن تي حق خاطر پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيا آهن، صبح ئي ساڻ پهرين ئي شڪايت ۽ کٽڪن سان ڀرپور ڳالهه سامهون آئي ته آدم شماري عملو حڪومتي حڪمن باوجود سنڌي وسندين ۾ پينسلن سان آدم شماري ۽ گھر شماريءَ جا فارم پُر ڪري رهيو آهي، آدم شماريءَ کان هڪ ڏينهن اڳ 14 مارچ تي سنڌ جي وڏي وزير پاران خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار کي چيو ويو هو ته سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ جي صورت ۾ سنڌين کي آدم شماريءَ مان خارج نه ڪيو وڃي ۽ ڪنهن به سڃاڻپ جي سند، سرٽيفڪيٽ جي هوندي سنڌين جي آدم شماريءَ ۾ ڳڻپ ڪئي وڃي، ان جي جواب ۾ وفاقي وزارت پاران گذريل رات سوا يارهين وڳي هڪ خانگي ٽي وي چينل تي ”بريڪنگ“ ڪري خبر هلائي وئي ته خزاني واري وزارت جي وفاقي وزير پاران آدم شماريءَ کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته ڪا به تصديقي سَندَ هجڻ کان پوءِ سنڌين جي آدم شماريءَ ۾ ڳڻپ ڪئي وڃي ۽ پڻ عملي کي پابند بڻايو ويو آهي ته عملو پينسل بدران پَڪي مَسُ واري پين سان داخلا (فارم پُر) ڪئي وڃي. صبح کان سنڌ جي لڳ ڀڳ مَڻي وسندين مان آدم شماري عملي پاران پينسل سان گھر شماري ڪرڻ جون شڪايتون سامهون آيو. ان کان پوءِ سنڌ جي عوام پاران 19 سالن کان پوءِ ٿيندڙ تازي آدم شماريءَ تي سخت کٽڪن جو اظهار ڪيو ويو آهي، سنڌ جي مهمان نوازين جا مزا وٺندڙن پاران ته آدم شماري عملي سان سهڪار نه ڪندي پنهنجن گھرن جا دورزا ئي نه کوليا پر پنهنجي حقن جي بقا واري جنگ وڙهندڙ عوام کي جڏهن پنهنجي بَقا جا کٽڪا ورائي وڃن ته ٿيندڙ آدم شماريءَ جي ڪا به حيثيت باقي نه ٿي بچي. اڪثر حڪومتي ۽ اسٽبلشمينٽ حلقن ۾ سنڌي کي پاڪستان مخالف ۽ غدار تصور ڪيو ويندو آهي، ڇو ته هتان جي قومپرست ڌرين جي ماضي ۽ حال جي ڪردار کي نظر ۾ رکندي انهن ۽ انهن سان سلهاڙيلن کي ”شڪ“ جي نظر سان ڏٺو پيو وڃي، اهڙي آدم شماري ۽ عملي پاران اهڙو موقف ته ڪا غلطي نه ٿئي ان ڪري پينسل سان فارم پُر ڪيا پيا وڃن، تي سنڌي عوام کي سخت کٽڪا آهن، سنڌي به محب وطن ۽ پاڪستان سان پيار ڪندڙ آهن، سنڌ ئي اهو صوبو هئو جنهن پاڪستان جي ٺهڻ جو پهريون ٺهراءُ منظور ڪيو هو. آدم شماريءَ کي مانيٽر ڪندڙ ڌريون جيڪڏهن سنڌين کي سندن اصل حق ڏيڻ کان لنوائي ۽ ڪيٻائي رهيون آهن ته پوءِ رڳو خانا پوري ئي ٺيڪ آهي، اهو ڪاغذ ۽ پينسل ڪنهن به صوبي جي عوام کي ان جو اصل حق ڏيارڻ جي لاءِ ناڪافي ۽ ناڪام ئي ثابت ٿيندو. جيتوڻيڪ آدم شماريءَ جو اهو عمل قانون جي کُلم کلا ڀڃڪڙي آهي، هاڻي لڳي اهو ٿو ته هن تازي ٿيندڙ آدم شماريءَ تي به حڪومت ڪا نه ڪا ڪميشن ئي جوڙيندي جنهن جي رپورٽ پڻ ڪيترن ئي سالن کان پوءِ ايندي تيستائين، امن، روزگار، بُک ۽ بدحاليءَ جي ڪري جيڪو ماحول جُڙندو ان تي پڻ ڪميشنون ٺهنديون ۽ قانون شڪنيءَ جو اهو سلسلو جاري و ساري رهندو. پاڪستان جا سپريم ادارا جهڙوڪ سپريم ڪورٽ، سنڌ هاءِ ڪورٽ، وفاق جا لاڳاپيل کاتا ۽ پاڪستان جو ڀلو ۽ سهڻو مستقبل چاهيندڙ ڌريون اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي ڪو خاص قدم کڻنديون ۽ ڌرين کي ڪميشنون جوڙڻ جو ضرورتون نه پونديون. ڏيئي هيٺان اونداهه هوندي آهي، پر سج جي روشنيءَ ۾ ڏيئي جي هيٺان ڇانيل اونداهه پڻ گھٽجي گھٽجي گم ٿي ويندي آهي.36

اي پيپر