اسلام آباد(بيورو) اليڪشن ڪميشن سکر، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ خالي ٿيل مڪاني ادارن جي 20 سيٽن تي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، سکر ، گهوٽڪي ۽ خيرپور ضلعن ۾ چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي خالي سيٽن تي 13 اپريل تي چونڊون ڪرايون وينديون. اليڪشن ڪميشن موجب، چيئرمين، وائيس چيئرمين ۽ ڪائونسلرن جي خالي سيٽن تي 21 مارچ کان فارم ڀرڻ جو سلسلو شروع ٿيندو. اليڪشن ڪميشن موجب، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي خالي 20 سيٽن تي 13 اپريل تي چونڊ ڪرائي ويندي.