مولانا فضل الرحمان پاڪستان جي سياست ۾ ماضي بڻجي چڪو آهي: عمران خان

بنون(م ڊ) چيئرمين تحريڪ انصاف عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان ماضي بڻجي چڪو آهي، فاٽا انضمام خلاف اهو ڪجهه به ڪري فرق نٿو پوي. پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان بنون ۾ بلين ٽري منصوبي جو افتتاح ڪيو،  ان موقعي تي هُن جو چوڻ هو ته بلين ٽري منصوبو دنيا جو هڪ وڏا منصوبو آهي، منصوبي لاءِ ٻاهرين ملڪن مان ٻوٽا گهرايا پيا وڃن، هن وقت تائين 80 ڪروڙ  ٻوٽا هنيا ويا آهن، هن پروجيڪٽ ۾ 5 لک ماڻهن کي روزگار مليو آهي. عمران خان مولانا فضل الرحمان جي حوالي سان پڇا ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته ملڪ جي سياست ۾ مولانا فضل الرحمان ماضي بڻجي چڪو آهي، فاٽا انضمام خلاف اهو ڪجهه به ڪري فرق نه پوندو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته فاٽا جي عوام جو به پاڪستان تي پورو حق آهي. ياد رهي ته فيبروري 2015ع ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان سونامي ٽري مهم جو آغاز ڪيو هو، ان چيو هو ته ڪي پي ڪي ۾ ٻيلن ۾ بچائڻ لاءِ مقامي ماڻهن تي مشتمل نگهبان ٽاسڪ فورس جوڙي ويندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *