صدر ممنون پاران آدمشماري جو باقائده افتتاح، فاروق ستار جو ڪمشنر آدمشماري کي خط، خدشا ظاهر
March 15, 2017 at 9:01 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ/مانيٽرنگ ڊيسڪ) ملڪ جي صدر ممنون حسين چيو آهي ته آدم شماري جي عملي سان هر ممڪن سهڪار ڪيو وڃي، ڄاڻ جي بنياد تي ئي حڪومت بهبود جي لاءِ بهتر منصوبابندي ڪري سگهندي. ملڪ ۾ جاري ڇهين آدم شماري جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ صدر چيو ته معذور ماڻهن بابت به مڪمل ڄاڻ ڏني وڃي، اميد آهي ته قوم جو هرد فرد آدم شماري جي قومي فرض ۾ شامل ٿيندو، عوام درست انگ اکر ڏئي پنهنجو مستقبل محفوظ بڻائي. هن چيو ته آدم شماري هڪ اهم قومي فرض آهي، عوام جي بهبود جي لاءِ آبادي جا درست انگ اکر ضروري آهن.صدر ممنون حسين اربع تي آدمشماري جو باقائده افتتاح ڪيو، صدر اسٽيٽ گيٽس هائوس ۾ گهر ڳڻپ جو نمبر پاڻ لڳايو ۽ ڳڻپ شماري ۾ اسٽيٽ گيٽس هائوس کي پهريون نمبر الاٽ ڪيو ويو، ان موقعي تي صدر ممنون حسين آدمشماري جي عملي جي سوالن جا جواب به ڏنا. صدر ممنون حسين آدمشماري جي سلسلي ۾ قوم جي نالي خاص پيغام رڪارڊ ڪرائيندو، آدمشماري جي افتتاح کان اڳ ڳڻپ واري سيڪريٽري، ڪراچي جي ڪمشنر ۽ سيس ڪمشنر ڪراچي صدر ممنون حسين سان ملاقات ڪئي، صدر آدمشماري جي انتظامن بابت اطمينان جو اظهار ڪيو. هوڏانهن متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار آدمشماري جي چيف ڪمشنر کي خط لکي ڇڏيو آهي، خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي شهري علائقن ۾ بلاڪ، سرڪل ۾ ڄاڻي واڻي غير قانوني کوٽ جو خدشو آهي، اڄ کان ٿيندڙ گهر ۽ آدمشماري ۾ طريقيڪار مٽايو ويو آهي، عمارت ۾ موجود هر فليٽ، دڪان يا ٻين تعميرن تي ش نمبر نه پيو لکيو وڃي، شهري علائقن جي هر هڪ بلاڪ ۾ ڪيترائي فليٽ ۽ دڪان آهن، فاروق ستار چيو ته ڳوٺن ۾ هر جهوپڙي، جهڳي، ٻيڙي تي به الڳ ش نمبر وڌا ويندا، هن گهر شماري سان شهري علائقن ۾ بلاڪ جو انگ گهٽجي ويندو.