محفوظ عدالتي فيصلي تي اڳڪٿيون عدالتي احترام ۾ رنڊڪ وجهڻ آهي: نواز شريف

March 15, 2017 at 9:00 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

گوادر (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته محفوظ عدالتي فيصلي تي قياس آرائي، تبصرو يا اڳڪٿي عدالتي احترام ۾ خلل آهي، گوادر ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهيون ڪندي نواز شريف چيو ته اسان جو سڄو ڌيان تعمير ۽ ترقي جي منصوبن تي آهي، هن چيو ته گوادر، پسني سميت بلوچستان جي علائقن ۾ ترقيءَ جا ڪيترائي موقعا موجود آهن، گوادر جي ترقي لاءِ 25 ارب رپين جي ماسٽر پلان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم چيو ته 52 ملڪن سي پيڪ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطو ڪيو، وزيراعظم نواز شريف روڊ جي تعمير جي معيار جي تعريف ڪئي، هن پسني کان گوادر تائين 150 ڪلوميٽر روڊ رستي سفر ڪيو.

اي پيپر