ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته پنهنجا نواز پاليسي تي عمل ڪندي قابل ۽ ايماندار آفيسرن کي پٺتي ڌڪيو پيو وڃي ۽ سينيئر آفيسرن کي باءِ پاس ڪيو پيو وڃي، انڪم ٽيڪس جي عورت آفيسر رعنا احمد جي درخواست تي ايف بي آر ۾ ۲۱ گريڊ جي آفيسر کي ۲۲ گريڊ تي مقرر ڪرڻ واري درخواست جي ٻڌڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ۳ رڪني بينچ ڪئي، ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ايف بي آر بورڊ جي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ۽ خواجا ظهير احمد جي شرڪت تي حيرت جو اظهار ڪندي سخت ڪاوڙ ڪئي، ۽ پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته اسحاق ڊار ۽ خواجا ظهير ايف بي آءِ جي اجلاس ۾ شرڪت جي لائق ناهن هنن ٻنهي جي اجلاس ۾ موجودگي ڪنهن اجنبي کان وڌيڪ ڪون هئي، عدالت کي ٻڌايو وڃي ته اسحاق ڊار ڪهڙي قانون تحت اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جسٽس اعجاز الحسن چيو ته لڳي ٿو ته عورت آفيسر کي نشانو بڻائي ان کي ترقي نه ٿي ڏني وڃي، سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته اسحاق ڊار وٽ آفيسرن بابت ڪهڙي معلومات هئي، جيڪا چيئرمين ايف بي آءِ وٽ نه هئي، جسٽس مقبول باقر چيو ته جن ماڻهن کي ترقي ڏني وئي آهي، انهن خلاف رپورٽ موجود هئي؟ جنهن تي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ جواب ڏيندي چيو ته اسحاق ڊار ۽ خواجا ظهير، وزير اعظم جي دعوت تي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي هئي. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته بيورو ڪريٽ ئي حڪومت جو نظام هلائيندا آهن، پر سينيئر آفيسرن کي نظر انداز ڪرڻ جو سبب به ناهي ٻڌايو ويو، جسٽس مقبول باقر پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته جيڪڏهن ٻاهران جا ماڻهو اجلاس ۾ ويهندا ته پوءِ اهڙو ئي فيصلو ٿيندو. عدالت چيئرمين ايف بي آءِ کي آفيسرن جي ترقي بابت ٻيهر اجلاس گهرائي ميرٽ تي ترقيون ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.