اسلام آباد(بيورو) قومي اسيمبلي سوشل ميڊيا تي توهين رسالت تي ٻڌل مواد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي هڪ متفقه ٺهراءَ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته حڪومت سوشل ميڊيا تي توهين تي ٻڌل مواد رکندڙ ماڻهن خلاف فوري طور ڪارروائي ڪئي وڃي. نعميه ڪشور خان چيو ته توهين رسالت تي ٺهراءَ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تحريڪ جي ايوان مان منظوري کان پوءِ ڪيپٽن محمد صفدر ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته هي معزز ايوان يوشل ميڊيا تي توهين رسالت جي سخت مذمت ڪري ٿو. صاحبزادي طارق الله چيو ته ان حوالي سان ان جو ڌيان ڇڪايو نوٽيس به ايجنڊي ۾ آندو وڃي.