لاهور (م ڊ): پاڪستان پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مارجي ويل پيپلز پارٽي اڳواڻ بابر بٽ جي وارثن سان تعزيت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بابر بٽ قتل ڪيس ۾ اڃا تائين ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، هن چيو ته پنجاب حڪومت کان انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته فيڪٽ فائينڊنگ ڪميٽي جوڙڻ جون رڳو ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، ڪا جاچ نه پئي ڪئي وڃي.