ڪراچي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي: چوڌري نثار

March 14, 2017 at 5:34 pm
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان سنڌ جي گورنر محمد زبير ملاقات ڪئي جنهن ۾ ڪراچي آپريشن سميت ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان سنڌ جي گورنر ملاقات ڪئي جنهن ۾ گهرو وزير گورنر کي سندس مقرري تي مبارڪ ڏني جڏهن ته ملاقات ۾ سنڌ ۽ خاص ڪري ڪراچي ۾ امن و امان جي قيام جي حوالي سان جاري بندوبستن ۽ صوبي جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ٻنهي اڳواڻن  ڪراچي ۾ امن و امان جي قيام جي لاءِ رينجرز، انٽيليجنس ايجنسين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪردار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. گهرو وزير چيو ته ڪراچي آپريشن 2013ع ۾ وفاقي حڪومت جي هدايت تي شروع ڪيو ويو ۽ هاڻ ان کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جي ضرورت آهي، شهر ۾ امن سمورين سياسي قوتن جي گڏيل ذميواري آهي.

اي پيپر