سموري سنڌ ۾ آباد خانه بدوشن جي به مردمشماري ڪئي وڃي: ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ

ڪراچي (هه آ)  وزيراعليٰ سنڌ جي  اقليتي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر کٽو مل جيوڻ چيو آهي ته ميرپورخاص ڊويزن ۾ آبادي جي تناست سان اقليتي برادري وڏي تعداد ۾آباد آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اقليتي برادري جي مردمشماري ۽ خانه شماري ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪت کي يقيني بڻايو وڃي. سنڌ ۾ خانه بدوش به رهائش پذير آهن انهن جي به ڳڻپ ڪئي وڃي ته جيئن ترقياتي ڪمن ۽ ٻين فلاحي اسڪيمن ۾ انهن لاءِ به منصوبا رکيا وڃن. اهڙن خيالن جواظهار هن پ پ پ سنڌ ڪائونسل جي ڀيم چند سان پنهنجي آفيس ۾ ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ زور ڀريو ته موثر مردمشماري ۽ خانه شماري سان ئي سنڌ جي آبادي بالخصوص اقليتي برادري جي ڳڻپ ممڪن ٿي سگهي ٿي، جنهن سان ايندڙ اين ايف سي ايوارڊ ۽ سنڌ جي ٻين حقن تي سٺا اثر پئجي سگهن ۽ سنڌ کي جائز حق ڏيارڻ ۾ مدد ملندي. هن ضلع ۽ ڊويزن سطح تي آگاهي مهم کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي به هدايت ڪئي. هن چيو ته ماڻهن ۾ ان باري ۾ معلومات فراهم ڪرڻ سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ ان موقعي تي چيو ته ميڊيا کي کپي ته هو ان باري ۾ پبلڪ سروس جي پيغام کي  شايع ڪرڻ سان گڏ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي به پيغام نشر ڪن. هن چيو ته مردمشماري ۽ خانه شماري کي سمورين جماعتن لاءِ قابل قبول بڻائڻ وفاقي حڪومت جي پهرين ذميداري آهي جنهن لاءِ صوبائي حڪومت ڀرپور سهڪار ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *