سکر(بيورو) ملڪ جي آبي ذخيرن ۾ ۱۷ سالن کانپوءِ پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي، تربيلا بند ۾ پاڻي تر وڃي ورتو، سطح ۱۵۵۰ مان گھٽجي ۱۳۸۰ فٽ جي ڊيڊ ليول تي پهچي وئي. چشما ڍنڍ ۾ وهڪرا ۳۲ هزار ڪيوسڪ کان گھٽجي ۱۷ هزار ۹۹۷ ڪيوسڪ ٿي ويا. ايندڙ ۴ کان ۵ ڏينهن ۾ سنڌ جي ٽنهي بئراجن تي ۴۰ کان ۵۰ سيڪڙو ٿيندي ارسا الارمنگ سچوئيشن جاري ڪري ڇڏي. سنڌ ۽ پنجاب کي پاڻي مهيا ڪندڙ تربيلا ڊيم ۾ پاڻيءَ جي سطح ۱۵۵۰ مان گھٽجي ۱۳۸۰ فٽ جي ڊيڊ ليول تي پهچي وئي آهي. تربيلا ڊيم ۾ ٦۰ فٽ لٽ ڀرجي وڃڻ ڪري ڊيم ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ جي گنجائش گهٽجي وڃڻ، گذريل سال برساتون گهٽ پوڻ ۽ ٻوڏ نه ٿيڻ ڪري پاڻي گهٽ گڏ ٿيو جنهن ڪري گذريل ۱۷ سالن ۾ پهريون ڀيرو تربيلا ڊيم پورو ڀرجي نه سگهيوجنهن مان ربيع جي فصل جو پاڻي پڻ کنيو ويو جنهن ڪري هن وقت تربيلا ڊيم ۱۵۵۰ فٽ جي سطح کان گھٽجي ۱۳۸۰ فوٽ جي سطح سان ڊيڊ ليول تي پهچي ويو آهي. چشما ڍنڍ ۾ وهڪرا ۳۲ هزار ڪيوسڪ کان گھٽجي ۱۷ هزار ۹۹۷ ڪيوسڪ ٿي ويا آهن. تربيلا ۽ چشما ۾ پاڻيءَ جي سطح ڊيڊ ليول تي پهچڻ کان پوءِ سکر بئراج سميت ٽنهي بئراجن تي پاڻيءَ جي کوٽ ٿي وئي آهي. ارسا سکر بيراج سميت سنڌ جي ٽنهي بيراجن تي خريف جي آڳاٽي فصل ۾ پاڻي جي ۴۰ سيڪڙو کوٽ بابت سنڌ حڪومت جي آبپاشي کاتي کي لکت ۾ آگاهي ڏئي ڇڏي آهي. ارسا سنڌ ۾ خريف جي آڳاٽي فصل پوکڻ دوران ۴۰ سيڪڙو کوٽ پيدا ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. سکر بيراج ڪنٽرول روم جي انچارج عبدالعزيز سومرو ٻڌايو ته جيتوڻيڪ ارسا اپريل جي آخر کان جولاءِ تائين ۴۰ سيڪڙو کوٽ جو چيو آهي پر سکر بيراج، گڊو ۽ ڪوٽڙي بيراج تي پاڻي جي کوٽ ۵۰ کان ٦۰ سيڪڙو ٿيندي، هن چيو ته ۲۰۰۰ع ۾ به پڻ پاڻي جي اهڙي صورتحال پيدا ٿي هئي ۽ ۱۷ سالن کان پوءِ هن سال به خريف جي فصل ۾ پاڻي جي ساڳي صورتحال پيدا ٿيندي، آبپاشي عملدار عبدالعزيز سومري آبادگارن کي صلاح ڏيندي چيو ته آبادگار هن سال خريف جي مند ۾ سارين، ووئنڻ ۽ ٻيو اڳاٽو فصل پوکڻ ۾ تڪڙ نه ڪن جيڪا پوکائي آبادگارن جي فائدي ۾ نه ٿيندي تنهن ڪري آبادگار خريف جي وچين مند ۾ پنهنجو فصل پوکن ته انهن جي لاءِ بهتر ٿيندو. پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ ۽ صوبن ۾ پاڻيءَ جي ورهاست لاءِ ارسا جي گڏجاڻي ۲۷ مارچ تي ڪوٺائي وئي آهي.