ڀوتارلابي پ پ کي ڪيترو لاڀ ڏيئي سگهندي؟

March 14, 2017 at 5:08 pm

جاويد احمد چانڊيو

ملڪ ۾ ايندڙ عام اليڪشن جي تياري جو جنون وڏي ڪنهن حد تائين وڌي چڪو آهي،سياسي اتحاد جوڙ توڙ جو عمل به جاري آهي،سياسي ڌرين پاڪستان مسلم ليگ (ن) مسلم ليگ (ف)پ پ ،پاڪستان تحريڪ انصاف،جي يو آءِ،عوامي اتحاد پارٽي،پاڪ سرزمين پارٽي، ايم ڪيو ايم پاڪستان،پ پ ورڪرز پارٽي، پ پ شهيد ڀٽو، راڄو ڻي اتحاد سميت ٻيون سياسي ڌرين به سرگرميون تيزي سان وڌائي ڇڏيون آهن،ايندڙ،عام اليڪشن جو وقت تيزي سان ويجهو هجڻ سان پ پ ، مسلم ليگ (ن) ايم ڪيو ايم پاڪستان مختلف اسڪيمن جون تختيون لڳائڻ جو مقابلو به عروج تي داخل آهي،9سالن ۾ عوام کي ڪهڙو رليف مليو ان جو به بهتر جواب عوام به ڏيئي سگهي ٿو، هن وقت ايندڙعام اليڪشن ويجهواچڻ کان پوء ترقياتي اسڪيمن جونِ تختيون به لڳڻ عام ٿي ويون آهن،اليڪشن ٿيڻ کان اڳ اسڪيمن جون تختيون لڳائڻ به مشڪوڪ بڻجي ويون آهن،انهن اسڪيمن جو عوام کي ڪڏهن لاڀ ملي سگهندو؟ مسلم ليگ (ن) پ پ تحريڪ انصاف (ف) مسلم ليگ ۽ ٻيون سياسي ڌريون ڪاميابي جا جتن ڪري رهيون آهن ان جو ته ايندڙ وقت ثابت ڪندوته عوام ڪنهن کي اقتدار ۾ ٿو آڻي،نواز ليگ لاءِ مشهور آهي ته نوازشريف برادران پنجاب کي سنوارڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي پاڪستان مسلم ليگ (ن)کي گهٽ ۾ گهٽ پنجاب ۾ ڪمن جي حوالي سان عوامي پذيرائي ملڻ جي وڏي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي، مسلسل سنڌ کي نظر اندازڪرڻ جو تاثر ختم ڪرڻ لاءِ وزير اعظم ميان محمد نواز شريف به ڊگهي عرصي کان پوءِ سنڌ سياسي سرگرميون شروع ڪري ڇڏيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ مسلم ليگ (ن)پاران ٺٽي ۾ سياسي طاقت جو مظاهرو ان ڳالهه جي ڪڙي آهي،مسلم ليگ (ن)ذريعن ٻڌايو آهي ته مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ بدين، سانگهڙ، خيرپور ۽ ٻين شهرن ۾  جلسا ڪري عوام کي خاص پڪيج ڏنو ويندو،مسلم ليگ (ن) سنڌ ۾ ختم ٿيڻ جو تاثر ختم ڪيو ويندو، ۽ رٺل ساٿين جي واپسي ۽ انهن جي ناراضگي کي ختم ڪيو ويندو مسلم ليگ (ن) کي سنڌ ۾ ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي،مرڪز سنڌ تي مسلسل 9 سالن کان حڪمراني ڪندڙ پ پ سرڪار تي به سخت قسم جي تنقيد عام ٿي رهي آهي، سنڌ جو وڏو وزير تبديل ڪرڻ کان پوءِ به ڪا خاص تبديلي نظر نه اچي رهي آهي، ڪرپشن جو گراف ٻين صوبن جي نسبت ۾ سنڌ ۾ وڌيڪ آهي،ادارن ۾ بهتري ۽ ڪرپشن جو عمل ختم ٿي نه سگهيو آهي، عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ جون شڪايتون عام آهن وزيرن تي پنهنجا مخصوص نوازڻ جا الزام آهن،9 سالن کان اقتدار ۾ رهڻ باوجود به پ پ جو دور عوام کي مايوس ڪندڙ آهي،هن وقت ڪارڪردگي جي بنيادن تي ووٽ پ پ لاءِ وڏي مشڪلات ۽ آزمائش کان گهٽ نه آهي،اهڙي صورتحال کي ڏسندي پ پ قيادت سنڌ ۾ شڪست جي خوف کان بچڻ لاءِ با اثر ڌرين ۽ ٻين پارٽين جي ماڻهن کي ملائڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي،(ف) مسلم ليگ (ن) مسلم ليگ ۽ ٻين پارٽين کي الوداع ڪرڻ وارن ۾ اميتاز علي شيخ،ڄام مدد علي، عبدلحڪيم بلوچ،محمد علي شاهه ڄاموٽ،سردار خالد احمد لنڊ،عرفان گل مگسي،سردار نبيل گبول،اڪمل لغاري،۽ ٻيون شخصيتون شامل آهن، جڏهن ته عرفان الله مروت جي پ پ ۾ شموليت تڪراري بڻجي وئي آهي،جنهن کي عارضي طور روڪيو ويوآهي، ايندڙ عام اليڪشن ۾ پ پ بهترين رزلٽ حاصل ڪرڻ لاءِ مختلف سياسي جماعتن جون با اثرڌريون ۽ پ پ جي ماضي جا حريف سخت مخالف به پاڻ سان ملائي رهي آهي،حڪومتي اثر رخ استعمال ڪري با اثر ڀوتار لابي کي پارٽي ۾ شموليت ڪو وڏو معجزو نه آهي، اصل ڳالهه عوام جي حمايت۽ بنيادي مسئلا حل ڪرڻ آهي،هڪ طرف ڀوتار لابي جي پ پ ۾ شموليت آهي ته ٻئي طرف سنڌ جي مختلف ضلعن مان مختلف برادرين جو پ پ سان قديم رشتو ٽٽي رهيو آهي،عوام جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري ۽ نظر انداز ٿيڻ ڪري پ پ سان لا تعلق ٿيڻ ۽ پ پ کي ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ نه ڏيڻ جا اعلان به زور وٺي ويا آهن،اهو به معلوم ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان به سنڌ ۾ تبديلي جو نعرو لڳائي تمام جلد سنڌ ۾ داخل ٿي رهيو آهي پ پ جي حلقن ۾ ٿرٿلو مچڻ وارو آهي،سنڌ جون ڪيتريون سياسي با اثر ڌريون عمران خان جي پارٽي تحريڪ انصاف ۾ شموليت لاءِ بيقراربڻيل آهن،اڳوڻي صدر آصف علي زرداري اڳوڻو دوست ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا،مگسي ڀائر،گهوٽڪي ۽ شڪارپور جا مهر،سنڌ جو سابق وڏو وزير ۽ عوامي اتحاد پارٽي جو سربراهه ليا قت علي جتوئي به پنهنجي ساٿين سميت تحريڪ انصاف ۾ شموليت جا امڪان آهن، ان هوندي به پ پ جي حڪمت عملي ڪيترو ڪامياب رهندي اهو ته ايندڙ وقت ثابت ڪندو، حڪومتي اثر رخ استعمال ڪري انهن ڀوتارن کي پارٽي ٽڪيٽ ،عهدا، وزارتون ڏيڻ جو آسرو۽ مختلف فائديوارا رليف ڏيڻ ۽ان جي نتيجي ۾ پارٽي ۾ شموليت کي فتح قرار نه ٿو ڏيئي سگجي، هن وقت سخت پ پ حڪومت تي تنقيد ٿي رهي آهي ته 9 سالن ۾ پ پ اقتدار هوندي به عوام کي ڪو رليف ڏيئي نه سگهي آهي،عوام جا مسئلا اڪثر ساڳا پنهنجي جاءِ تي رهيا، سنڌ ۾ ترقياتي ڪم نالي ماتر هجڻ سان گڏ ڪرپشن ۽ ڪيشن مافيا جي ور چڙهي ويا، ادارن ڪابه بهتري ڪارڪردگي نه آهي،سرڪاري نوڪرين جا ريٽ مقرر آهن، ميرٽ جو جنازو نڪري چڪو آهي،بلدياتي ادارن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن سڄي سنڌ کي گندگي جي ڍير ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، سنڌ جي شهرن ۾ روز گلن جهڙا ٻارڙا کليل گٽرن ۾ ڪرڻ فوت ٿيڻ جا واقعا وڏي افسوسناڪ ڏکوئيندڙ خبر آهن،بند اسڪول، غير فعال صحت ادارا، سنڌ جا تاريخي شهر کنڊرات ۾ تبديل ٿي چڪا آهن،ٻيا به ڪيترائي اشو آهن، ترقي خوشحالي جو اهو گهربل حدف پورو حاصل ٿي نه سگهيوآهي سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن عام ٿيڻ جو چرچو هلي رهيو آهي،پ  پ ڪرپشن جي خاتمي لاءِعملي ڪردار ادا نه ڪيو آهي،سوال اهو آهي ته ڇا؟ پ پ ۾ شموليت ڪرڻ وارا ڀوتار بغير ڪنهن لالچ ۾ پ پ شامل ٿيا آهن،بغير ڪنهن ڊيل جي پارٽي ۾ شموليت ممڪن آهي، اهو ته ايندڙ عام چونڊن دوران سڀ ڪجهه واضع ٿي ويندوته ڀوتارن کي ڇاٿو گهرجي،۽ ڪيترو ڪنهن جو پلڙو ڀاري آهي،پارٽي کان ڪجهه حاصل نه ٿيڻ کان پوءِ به پ پ ۾ ڀوتار ثابت قدم رهندا،انهن جي سچائي به جلد وائکي ٿي پوندي،ڪرپشن جي معاملي پ پ کي تمام گهڻو سياسي ڪاپاري ڌڪ رسايو آهي،پ پ جو ڪرپشن معاملي تي وري خاموش تماشائي سواليا نشان پڻ آهي،عوام ۽ پ پ جا پنهنجا جيالا به کلي ڪرپشن جي نشاهدي ڪن ٿا، ان جي باجود به ڪو به ڪنهن به قسم جو ازالو نه ٿيڻ وڏي بدقسمتي آهي،عوام جا بنيادي مسئلا حل ٿيڻ لاءِ عمل جي ضرورت آهي،ترقي خوشحالي امن انصاف روزگار عوام جي ضرورت آهي،سکڻا اعلان سر سبز باغ ڏيکارڻ کوکلا نعراجهمريون ۽ ڊانس وقت جو ضيان ثابت ٿيون آهن،سچائي ۽عمل جو ڪردار عوام کي ثمر ڏيئي سگهي ٿو،

اي پيپر