ٽرمپ خلاف احتجاج ۽ وڪي ليڪس جا انڪشاف

March 14, 2017 at 5:07 pm

صاحب خان ڀٽي

آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي صدر جي حلف برادري کان شروع ٿيل احتجان جو سلسلو آمريڪا ۾  جاري آهي، ڪڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا مخالف روڊن تي اچي سندس خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائن ٿا ته ڪڏهن وري سندس حامي سندس حمايت ۾ نعرا هڻڻ ٿا، جيڪو  سلسلو هن وقت به آمريڪا ۾ جاري ۽ ساري آهي، حمايتن جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي شهرين کي نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، جنهن سبب کيس  موقعو ڏنو وڃي ته جئين هو جلد کان جلد پنهنجو  واعدو پورو ڪري سگهي، ٻي طرف وري سندس مخالف احتجاج دوران نعريبازي ڪري رهيا آهن ته ڊونلڊ ٽرمپ جون پاليسيون آمريڪا لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿينديون، تنهن جي ڪري کيس پنهنجو رويو تبديل ڪرڻو پوندو، هن وقت  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اهو اعلان به ڪري چڪو آهي ته هو آمريڪا جون سرحدو محفوظ بڻائڻ لاءِ   سرحد وٽ ڀت به تعمير ڪندو ته جئين ڏوهاري ماڻهن  کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي سگهجي،

جيتوڻيڪ هن وقت آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جا ترڪي سميت مختلف ملڪن سان رويا بهتر نه آهن پر ان باوجود آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ مختلف وقتن تي پنهنجا بيان به تبديل ڪندو رهيو آهي.  ان سان گڏ آمريڪا ۾ جيڪا مسلمان ملڪن خلاف  پروپيگينڊا هلي رهي آهي، ان کان به سمورا ملڪ آگاهه آهن، ان باوجود سعودي عرب آمريڪا آڏو هن وقت تائين ڪو به آواز نه اٿاريو آهي ۽ نه ئي سعودي عرب تڪراري اميگريشن پاليسي بابت آمريڪا سان ڳالهائڻ کي ترجيحي ڏني آهي، بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جا حامي ۽ مخالف روڊن تي آهن جنهن کي سڄي دنيا جي ميڊيا ڪوريج به ڏئي رهي آهي. آمريڪا هن وقت اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ٿي رهيو  آهي جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تڪراري اميگريشن پاليسي آندي ۽ مسلمان ملڪن تي سفري پابندي لڳائي  جنهن بعد سڄي دنيا ۾ هڪ بيچيني واري لهر پکڙجي وئي، هن وقت به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف احتجاجن جو سلسلو شروع آهي، آمريڪي عدالتون به ڊونلڊ ٽرمپ جي پاليسين کي رد ڪنديون رهيون آهن پر ان باوجود ڊونلڊ ٽرمپ نظرثاني واريون پاليسيون به لڳائيندو رهيو آهي.

هن وقت آمريڪا ۾ انهن ججن جي به سڪيورٽي سخت ڪئي وئي  آهي جن ڊونلڊ ٽرمپ جي تڪراري اميگريشن پاليسي جي حڪم نامن کي رد ڪيو هو، بهرحال اهو  آمريڪا آهي ڪو لاوارث ملڪ نه آهي  جتي جيڪو چاهي سو  ڪري. هونءَ  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڻ به مختلف وقتن تي چئي چڪو آهي ته  هو اميگريشن قانون جو غلط استعمال ٿيڻ نه ڏيندا پر ان باوجود آمريڪا ۾  ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، ميڊيا جي خبرن موجب اهڙن ماڻهن کي به حراست ورتو ويو آهي، جن وٽ سمورا ڪاغذ موجود به آهن، آمريڪي عدالت به پوليس کان شڪي ماڻهن جي گرفتارين بابت تفصيل به طلب ڪيا هئا پر ان باوجود انهن ماڻهن کي ڇڏيو ويو آهي يا نه، ان بابت ميڊيا تي هن وقت تائين ڪي به خبرون نه هليون آهن.جڏهن کان آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڇهه مسلمان ملڪن تي سفري پابندي لڳائي آهي تنهن ڏينهن کان عراق سميت ٻيا ڪيترائي مسلمان ملڪ سراپا احتجاج بڻيل آهن پر سعودي عرب هڪ لفظ به نه ڳالهايو آهي. هونءَ ته گڏيل قومن به ڇهه مسلمان ملڪن جي ماڻهن جي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ تي پابندي واري عمل جي مذمت ڪئي آهي پر ڊونلڊ ٽرمپ ڪنهن به شيءَ جي پرواهه ڪرڻ بنا پنهنجي حڪمن تي عمل ڪرائڻ لاءِ سرگرم نظر اچي رهيو آهي. گڏيل قومن طرفان به چيو ويو آهي ته ٽرمپ جي نين پاليسين سان پناهگيرن جي پريشانين ۾ اضافو ٿيو آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو  گوٽريس به پنهنجي جاري ڪيل بيان چيو آهي دهشتگردي، جنگ، تشدد ۽ حالتن جي ڪري ماڻهو  گهر ٻار ڇڏڻ تي مجبور ٿيا جن کي سهارو ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي پر ڊونلڊ ٽرمپ جي نئين سفري پاليسي سبب ماڻهن جون ڏکيائون وڌي رهيو آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي  ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا تي به ڏمريو ويٺو آهي جنهن سبب ڪڏهن ميڊيا جي ماڻهن کي منافق ڪوٺيندو آهي ته ڪڏهن وري ميڊيا کي ڪوڙو قرار ڏيندو آهي. ايتري قدر جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪڏهن ڪڏهن صحافين کي پنهنجي پريس ڪانفرنس  دوران ٻاهر به ڪڍرائي ڇڏيندو آهي.

ڪجهه ڏينهن اڳ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انصاف کاتي ۾ ڪم ڪندڙ 46 اٽارنيز کي عهدن تان هٽائڻ جو حڪم ڏنوهو، انهن هٽايل اٽارنيز بابت ٻڌايو پيو وڃي ته اهي اوباما جي دور ۾ مقرر ڪيا ويا هئا  جنهن سبب آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ انهن کي فوري طور تي عهدن تان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، ٻڌايو پيو وڃي ته انهن ۾ نيويارڪ جو اٽارني پريت ڀارارا به شامل هو.، جنهن کي ان کان اڳ ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجون ذميداريون جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته وڪي ليڪس جي سي آءِ اي تي لڳايل الزامن بعد آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به ڳڻتي ۾ پئجي ويو آهي، جنهن سبب وائيٽ هائوس جي ترجمان طرفان  وڪي ليڪس جي جاري ڪيل معلومات آمريڪي سلامتي لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو آهي، جڏهن ته ترجمان سين اسپائسر اهو به چيو آهي ته ٽرمپ انتظاميا اهڙي معلومات پڌري ڪرڻ وارن سان انتهائي سختيءَ سان پيش ايندي. جهڙي ريت آمرڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ به پنهنجي بيانن ۾ چوندو رهيو آهي ته هو ڏوهارين کي سختي سان منهن ڏيندو. جڏهن وڪي ليڪس ٻين تي الزام لڳائيندو هو ته ان وقت ڪير به ان تي اعتراض نه ڪندو هو پر هاڻي وڪي ليڪس سي آءِ اي تي الزام لڳايا آهن ته ان خلاف سخت سان منهن ڏيڻ جا بيان ڏنا پيا وڃن.

بهرحال هن وقت آمريڪا ۾ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ وٺڻ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب ڪيترائي ئي ماڻهو پريشان آهن مٿان وري ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان ته هو ڪنهن به صورت ۾ پرڏيهين کي پنهنجي ملڪ ۾ برداشت نه ڪندو، انهن ماڻهن جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ اضافو ڪري ڇڏيا آهن، ايتري قدر جو آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيانن بعد آمريڪا ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جي حامين ۽ مخالفن ۾ ڏنڊ  چڪ به ٿيندا رهيا آهن پر ان باوجود  ڊنلڊ ٽرمپ آمريڪا ۾ حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم نه کڻي رهيو آهي. جيڪڏهن هن وقت آمريڪا ۾ ڪاغذ مڪمل هوندي به ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو ته  اهو ترقي يافته ملڪن جي سڪيورٽي تي  ڪيترائي  سوال اٿاري ڇڏيندو.

sahibalisindhi@gmail.com

اي پيپر