آدمشماري سنڌين ۽ بلوچن جي وجود ختم ڪرڻ جو هٿيار آهي

March 14, 2017 at 5:03 pm

گل مورو

آدمشماري جي حوالي سان پهريون مرحلو شروع ٿيڻ ۾ باقي هڪ ڏينهن وڃي بچيو آهي ان سلسلي ۾ وفاقي سرڪار پهرين مرحلي جا تفصيل جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته آدمشماري ڪهڙي به طريقي سان صاف شفاف بڻائي ويندي 2 لک فوجي جوان ان ۾ حصو وٺندا ۽ اهو پهريون مرحلو 15 مارچ کان 15 اپريل تائين هلندو ۽ ٻيو مرحلو 25 اپريل کان شروع ٿيندو جيڪو 25 مئي تي ختم ٿيندو ٻئي مرحلا مڪمل ٿيڻ کان پوءِ 60 ڏينهن يعني ٻن مهينن کان پوءِ شروعاتي نتيجا ظاهر ڪيا ويندا. ان سلسلي ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته پاڪستان جي هر شهري کي ڳڻيو ويندو ۽ ان جو نادرا سان لنڪ هوندو ڪوڙي ڄاڻ ڏيڻ واري کي 6 مهينا جيل جي سزا ملندي ۽ ڏنڊ به پوندو. جڏهن ته آدمشماري جي خرچ جي حوالي سان پڻ انگ اکر ڏيکاريندي اهو ڄاڻايو ويو آهي ته آدمشاري تي ڪل ساڍا ارڙنهن ارب رپيا خرچ ايندا ۽ اها پريس ڪانفرنس ڏٺي وڃي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو فوج ۽ سول جي حاڪمن گڏجي ڪئي جنهن ۾ سول حڪمراني جي ترجماني وفاقي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ۽ پاڪ فوج جي ترجمان اهي سمورا تفصيل ٻڌايا جڏهن ته ان پريس ڪانفرنس دوران آدمشماري وارو کاتو نظر ئي نه پئي آيو. ايتري قدر جو آدمشماري ڪرائيندڙ اداري جو سربراهه ان مهل پريس ڪانفرنس دوران خاموش ئي رهيو ڄڻ ته کيس اڳواٽ ئي اهو چيو ويو هجي ته توکي صرف ماٺ ۾ ئي رهڻو آهي. آدمشماري بابت هيلپ لائن نمبر به جاري ڪيا ويا آهن پر اصل صورتحال هن وقت اها آهي ته آدمشماري جي حوالي سان گهڻي کان گهڻا خدشا، خوف ۽ سوال سنڌين ۽ بلوچن ۾ نظر اچي رهيا آهن. ڇو ته آدمشماري واري مرحلي ۾ وفاقي سرڪار اڳواٽ ئي ڄاڻائي چڪي آهي ته ڪراچي توڙي سنڌ جي وڏن توڙي ننڍن شهرن وستين توڙي ڳوٺن ۽ واهڻ ۾ موجود پرڏيهين جي ڳڻپ به سنڌ واسي طور ڪئي ويندي ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته ڪراچي ۾ موجود لکين غير قانوني پرڏيهين جي سنڏ واسي طور ڳڻپ روڪڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا سنڌ حڪومت کان وٺي سنڌ جون وفاقي توڙي قومپرست ڌريون اديب توڙي شاعر يعني هر مڪتب فڪر جا ماڻهو دانهون ڪندا پيا اچن ته وفاق سنڌ ۾ زبردستي سان موجود پرڏيهين کي ڳڻي سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ واري فارمولي جي حڪمت عملي تي ڄاڻي واڻي عمل ڪري رهيو آهي.انهيءَ سلسلي ۾ تازو وزيراعليٰ سنڌ جو بيان ئي ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿو جنهن چيو آهي ته وفاق سنڌ ۾ رهندڙ غير قانوني ماڻهن جي پرڏيهي طور ڳڻپ جي خاطري ڪرائي هئي ڇو ته ان سان سنڌ جي وسيلن ۽ معاشي منڊين تي جيڪو بار پوندو ۽ سنڌ ۾ جيڪا بک ۽ بدحالي ڪر کڻندي اها انارڪي واري معاشري کي وڌائي سگهي ٿي ۽ ان سان سنڌي ماڻهن ۾ احساس محرومي جيڪا هر حوالي سان وڌندي پئي وڃي اها احساس محرومي اڃا به وڌي سگهي ٿي ڇو ته احساس محروميون ئي بحرانن کي جنم ڏينديون آهن. ان حوالي سان ڏٺو وڃي ته ڌارين جي آبادڪاري واري مسئلي تي انهن کي سنڌ جو ڄاڻائي ڪري ڳڻڻ واري ٿيوري رکي وئي آهي ان مان ته خوف خدشو ۽ ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن. ايتري قدر جو خود شماريات کاتي اهو تسليم ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ اٽڪل 50 لک کان وڌيڪ غير قانوني افغاني، برمي، بنگالي، بهاري پرڏيهي رهن ٿا جن مان اڪثر ماڻهن سڃاڻپ ڪارڊ به ٺهرائي ڇڏيا آهن. ڪيڏي نه حيرت جوڳي ڳالهه آهي جو ان هوندي به شماريات کاتي اهو ڄاڻايو آهي ته فاٽا توڙِي ٻين صوبن جا ٻيا ماڻهو جنهن به صوبي ۾ هوندا اهي اتي ئي ڳڻيا ويندا.ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اڳواٽ ئي هن آدمشماري جا نتيجا ماضي جي نتيجن جيان طئي ٿي چڪا آهن هي آدمشماري صرف ڏيکاءُ طور دنيا کي ڏيکاري ويندي ته صاف شفاف نموني سان آدمشماري ڪرائي وئي آهي. ان جو مثال متحده جي ٻنهي ڌڙن ۽ ڪراچي ۾ موجود افغاني توڙي پشاوري پختونن جي اڳواڻن اهو چيو آهي ته اسان کي يقين  آهي ته صرف ڪراچي جي آبادي موجودهه آدمشماري دوران اڍائي ڪروڙ کان وڌيڪ هوندي. سو ان مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته هي موجودهه آدمشماري سنڌي ماڻهن لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي چڪي آهي. ان ساڳي حوالي سان جهڙي ريت آدمشماري جي حوالي سان سنڌ ۾ خوف ۽ سوال اٿي رهيا آهن ۽ مطالبا ٿي رهيا آهن اها ئي صورتحال بلوچستان ۾ به نظر اچي پئي جو تازو بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ اختر مينگل کان وٺي حئي بلوچ تائين سمورا اڳواڻ اهو  مطالبو ۽ اعلان ڪري چڪا آهن ته جيستائين بلوچستان مان وڏي پئماني تي موجود افغانين توڙي ٻين ڌارين کي نيڪالي ڏيڻ کان سواءِ زبردستي سان آدمشماري وارو عمل جاري رکيو ويو ته اها قابل قبول نه هوندي ڇو ته کين خبر آهي ته ڄاڻي واڻي آدمشماري واري حوالي سان اهڙو ماحول اڳواٽ ئي جوڙيو ويو آهي جو بلوچستان جي وڏي وزير کان وٺي سنڌ جي وڏي وزير تائين ۽ ٻنهي صوبن جي پارلياماني توڙي پارليامينٽ کان ٻاهر موجود وفاق پرست توڙي قومپرست ڌريون اهو مطالبو وفاقي سرڪار آڏو بار بار ڪري چڪيون آهن ته آدمشماري کان پهريان ٻنهي صوبن مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي ۽ آدمشماري دوران ڌارين جو خانو ئي الڳ هجڻ گهرجي ۽ انهن کي ان خاني ۾ لکيو وڃي ۽ ڳڻيو وڃي ته جيئن اصل حقيقت جي خبر پئجي سگهي ته ٻنهي صوبن اندر ڪيترو انگ ڌارين جو آهي ۽ ڪيترو انگ ڌرتي ڌڻين جو آهي پر ان باوجود اهي سموريون تجويزون جيڪي سنڌين ۽ بلوچن وفاق آڏو رکيون هيون ڪيترا ڀيرا احتجاج به ڪيا ويا پر اهي سموريون تجويزون ماضي جيان ردي جي ٽوڪري ۾ اڇلائيندي موجودهه دور ۾ به 19 سالن کان پوءِ ٿيندڙ آدمشماري دوران اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ڌاريو هجي يا ڪو ٻيو پر ان کي به ڳڻيو ويندو. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هي آدمشماري سنڌين ۽ بلوچن لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻيل آهي. جيڪڏهن اڃا به اکيون نه کليون ته شايد تاريخ به اسان کي معاف نه ڪري. اهو ان ڪري جو اڳي ئي ڪيترا ڀيرا ڏيهه ڌڻي ڪيترن ئي نانگن کان ڏنگجي چڪا آهن ڏٺو وڃي ته 98 واري آدمشماري موجب ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 48 سيڪڙو، پنجابي، 13، پشتو 11، سنڌي 22-7 بلوچي 4.34 سرائيڪي 2.11، ڳالهائيندڙ هيا جڏهن ته 16 لک بنگالي، 4 لک برمي ۽ افغانين جو ته ڪاٿو ئي نه هو ۽ اها ٻوڏ ان وقت وڌي جڏهن جهاد جي جذبي دوران سوويت افغان جنگ کان پوءِ وڏي پئماني سان جهڙي ريت ماضي ۾ ورهاڱي دوران يوپي ۽ سي پي مان آيل اردو ڳالهائيندڙن کي واگها بارڊر وٽ پهچندي لٺ جو اشارو ڪندي اهو چيو ويو هو ته پاڪستان اڳتي آهي. ان ساڳي طريقي سان انهن افغانين کي سنڌ جي شهرن جو رخ ڪرايو ويو جنهن جو نتيجو اهو وڃي نڪتو آهي جو هن وقت ڌارين جو انگ اڃا تائين معلوم ناهي ٿي سگهيو ته اصل ڪيترو آهي. پوءِ به شماريات کاتو خود پنهنجي انگن اکرن سان اهو ڄاڻائي چڪو آهي ته ڪراچي ۾ افغاني توڙي ٻين ڌارين جو انگ 50 لک کان وڌيڪ آهي. اهڙي صورتحال هوندي وفاقي سرڪار اهو اعلان ڪري چڪي آهي ته آدمشماري واري مرحلي دوران سنڌ توڙي بلوچستان ۾ يا ملڪ جي ڪنهن ٻئي علائقي ۾ ڌارين جي انگ وارو خانو ئي نه هوندو سڀئي ڳڻيا ويندا. ان مان اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي ته ڄاڻي ٻجهي سنڌين ۽ بلوچن کي پنهنجي ڌرتي تي اقليت ۾ آڻي کين مالڪي کان محروم ڪيو ويندو.

اي پيپر