هولي جو تهوار نيڪي جي قائم رهڻ ۽ بدي کي شڪست جو پيغام آهي: نواز شريف
March 13, 2017 at 4:23 amNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم نواز شريف هندن جي مذهبي تهوار هولي بابت بيان جاري ڪندي چيو آهي ته هولي موسم جي تبديلي، بهار جي آمد جو پيغام آهي، پاڪستان جو موسم به تبديل ٿي رهيو آهي، بهار جا ڏينهن موٽي رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته مذهبن وچ ۾ گڏيل امن جا ڏينهن موٽي رهيا آهن، ملڪ ۾اقليتن کي پنهنجي مرضي موجب زندگي گهارڻ جي پوري آزادي حاصل آهي. ڪنهن سان مذهب جي بنياد تي امتيازي سلوڪ نه ٿيڻ گهرجي، پاڪستان خطي ۾ آباد هر قبيلي ۽ هر برادري لاءِ امن جو مرڪز آهي، نواز شريف چيو ته حڪومت مذهبي اقليتن سان قاعداعظم جو عهد نڀائڻ جي پابند آهي، افسوس آهي ته فساد لاءِ اسلام جي نالي کي استعمال ڪيو ويو، اسلام هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏئي ٿو، اقليتن کي پنهنجي مذهب تي عمل جي مڪمل آزادي هئڻ گهرجي، نوڪرين ۽ ٻين معاملن ۾ اقليتن کي احساس محرومي نه هئڻ گهرجي، هن چيو ته هولي جو تهوار نيڪي جي قائم رهڻ ۽ بدي کي شڪست جو پيغام آهي.