مردم شماري لاءِ فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي: مريم اورنگزيب

March 13, 2017 at 4:21 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

اسلام آباد (بيورو): مملڪتي وزير مريم زورنگزيب چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ مردم شماري تي اتفاق ٿيو، مردم شماري آئيني ذميداري آهي، هن چيو ته صحيح انگن اکرن سان فيصلو ڪرڻ حڪومت جو ويزن آهي، هن چيو ته مردم شماري لاءِ فوج جو ڪردار انتهائي اهم آهي، مردم شماري جو عمل مارچ کان مئي تائين جاري رهندو، پهرين مرحلو 15 مارچ کان 15 اپريل تائين جاري رهندو، ٻيو مرحلو 25 اپريل کان 25 مئي تائين جاري رهندو، هن چيو ته مردم شماري ۾ مقامي ماڻهن کي استعمال ڪيو ويندو، ماضيءَ ۾ مردم شماري ۾ دير جا مختلف سبب هئا، مريم اورنگزيب چيو ته پهريون ڀيرو مردم شماري ۾ کدڙن فقيرن جي به داخلا ڪئي ويندي.

اي پيپر