سنڌ جي ڏهن ضلعن جون اسپتالون خانگي هٿن ۾ ڏيڻ وارو فيصلو!

March 11, 2017 at 1:25 am

اربعا واري ڏينهن وڏي وزير جي صدارت هيٺ ٿيل پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي پاليسي بورڊ واري اجلاس ۾ صحت ۽ تعليم بابت ويچاريو ويو. ڄاڻايل کاتن جي سيڪريٽرين اجلاس ۾ موقف رکيو ته سرڪاري اسپتالن ۽ ٽيچنگ ٽريننگ ادارن جي ڪارڪردگي تمام خراب آهي، جڏهن ته اسپتالن ۾ اڪثر ڊاڪٽر ۽ عملو ڊيوٽي ئي نٿو ڪري، ان ڪري مريضن کي درست نموني علاج جون سهولتون نٿيون ملي سگهن. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته بدين ضلعي هيڊ ڪوارٽر اسپتال کي خانگي اداري جي حوالي ڪرڻ کانپوءِ ان جي ڪارڪردگي تمام گهڻي حد تائين بهتر ٿي آهي، تنهنڪري سنڌ جي پوئتي پيل ضلعن جي اسپتالن جو انتظامي ڪنٽرول خانگي ادارن جي حوالي ڪيو وڃي. جنهن بعد وڏي وزير مراد علي شاهه سنڌ جي 10 ضلعي هيڊڪوارٽر اسپتالن جن ۾ ٿرپارڪر، جيڪب آباد، ميرپورخاص، گهوٽڪي، سانگهڙ، خيرپور، دادو، سکر، مٽياري ۽ ٽنڊوالهيار ضلعي جون هيڊڪوارٽر اسپتالون خانگي اين جي اوز جي انتظام هيٺ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. اهڙي طرح استادن جي ٽريننگ واري اداري پراونشنل انسٽيٽيوٽ آف ٽيچرس ايجوڪيشن (پائيٽ) ۽ بي ايڊ وارن ڪاليجن کي پڻ خانگي ادارن جي ذريعي هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
سيد مراد علي شاهه وڏ وزارت جو قلمدان سنڀالڻ وقت اِن ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته سندس ترجيح سنڌ جي تعليم ۽ صحت کاتي ۾ سڌارا آڻڻ تي هوندي ۽ اِن واسطي هُن ٻنهي کاتن ۾ ايمرجنسيءَ جو پڻ اعلان ڪري رکيو آهي. ڪيترائي بند اسڪول کولڻ جي دعويٰ به ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته گهوسٽ ملازمن کي ڊيوٽين تي حاضر ڪرڻ جي ڳالهه به ٿيندي رهي ٿي. اُن ۾ سرڪار ڪيتري ڪامياب وئي آهي، تنهن جو مشاهدو عام ماڻهو پنهنجي اکين سان ڪندا رهن ٿا، جيتوڻيڪ گهوسٽ ملازمن کي اسڪولن تائين آڻڻ ۾ سرڪار گهڻي حد تائين ڪامياب ته وئي آهي، پر اُهي گهوسٽ ملازم تدريسي عمل ۾ حصو وٺن ٿا يا نه، اُن بابت اڃا تائين ڪا واضح صورتحال سامهون اچي نه سگهي آهي. جيستائين استادن جي ٽريننگ وارا ادارا خانگي هٿن ۾ ڏيڻ واري ڳالهه آهي ته اسين اُن عمل جي تائيد يا ترديد اُن ئي صورت ۾ ڪري سگهون ٿا، جڏهن نتيجا سامهون هوندا. باقي جيستائين ڏهن ضلعن جون هيڊڪوارٽر اسپتالون اين جي اوز کي ڏيڻ جو سوال آهي ته اُن جا يقينن بهتر نتيجا نڪرندا! اِنهيءَ فيصلي دوران اِها ڳالهه واضح ناهي ڪئي وئي ته اُهي اسپتالون جڏهن خانگي هٿن ۾ ڏنيون وينديون ته اُهي ساڳيءَ ريت مفت دوائون فراهم ڪنديون يا غريب ۽ مسڪين ماڻهن تي اُن جو اضافي بار وڌو ويندو؟ هونئن اُميد اِهائي ڪئي پئي وڃي ته اهڙي ڪنهن به بار کان عام ماڻهن کي محفوظ رکيو ويندو.
اِنهيءَ ڳالهه ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن ته ڄاڻايل ضلعن جي هيڊڪوارٽر اسپتالن جي حالت انتهائي ابتر آهي، جنهن جو مشاهدو اسان کي وقت بوقت ٿيندو رهندو آهي، خاص ڪري دهشتگردي يا ڪنهن ايمرجنسيءَ واري صورتحال ۾ اسپتالن جي ڪارڪردگي بنهه زيرو ڏسڻ ۾ ايندي آهي، جنهن سببان زخمين توڙي مريضن کي وڏن شهرن ڏانهن وٺي وڃڻ وارا ڪشالا ڪڍڻا پوندا آهن ۽ انهيءَ مسافت دوران ڪيترن ئي زخمين جي ساهن جا سَڳا ڇڄي پوندا آهن، جيڪا ڳالهه اسان کي سيوهڻ ۾ ٿيل ڌماڪي دوران پڻ نظر آئي. تنهن ڪري جيڪڏهن سرڪار سنڌ جي پوئتي پيل علائقن جي اسپتالن کي سنوارڻ ۽ بهتر بڻائڻ جو سوچيو آهي ته اسين سندن اِن عمل کي ساراهيون ٿا. صحت انسان جو اُهڙو بنيادي حق آهي، جنهن تي مهذب مُلڪ سڀ کان وڌيڪ ڌيان ڏيندا آهن، پر پاڻ وٽ اُهو سدائين نظرانداز ٿيندو رهيو آهي. سرڪار جي انتظام هيٺ هلندڙ اسپتالن ۾ اڪثر دوائن جي کوٽ جون شڪايتون ٻُڌڻ ۾ اينديون آهن جڏهن ته عملي جي لاپرواهي پڻ عام ڳالهه هوندي آهي، جنهن جو خود صحت واري سيڪريٽريءَ پڻ اظهار ڪيو آهي. جيڪڏهن خانگي ادارن ذريعي اسپتال عملي کي پابند بڻايو وڃي ٿو، دوائن جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي ٿو ۽ مريضن کي مناسب سهولتون ميسر ڪري ڏنيون وڃن ٿيون ته اُن سان يقينن سرڪار جي ناماچاريءَ ۾ اضافو ٿيندو، پر اُن لاءِ اِهو ضروري آهي ته جن به خانگي ادارن جي هٿن ۾ اُهي اسپتالون ڏنيون وڃن، اُهي ساکائتا هُجن. ڇو ته اسان وٽ اڪثر اِهو به ڏٺو ويو آهي ته سرڪار عوام جي ڀلائيءَ جي نانءَ تي سدائين پنهنجا ئي نوازيندي رهي آهي. تنهن ڪري هن معاملي ۾ ڪوشش ڪئي وڃي ته اهڙو تاثر اُڀري نه سگهي. بهرحال اسين اُميد ٿا ڪريون ته مٿي ڄاڻايل هيڊڪوارٽر اسپتالن جي حالت بهتر بڻائڻ لاءِ سرڪار جون ڪوششون ڪارگر ثابت ٿينديون

اي پيپر