ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي ڪمشنر اعجاز احمد جي صدارت ۾ هڪ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملير جي ڳوٺاڻن علائقن ۾ نوان تعمير ٿيل صحت جي سرڪاري مرڪزن ۾ پاڻي بجلي ۽ گئس جا نوان ڪنيڪشن ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪيا ويندا ۽ ان سلسلي ۾ شامل رڪاوٽن ۽ ڏکيائين کي دور ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير سمورن معاملن جي نگراني ڪندو ۽ واسطيدار ادارن جي آفيسرن سان رابطي ۾ رهي صحت جي مرڪزن ۾ نوان ڪنيڪشن جي حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير جي حڪمن کي يقيني بڻائيندو اجلاس ۾ سوئي گئس جي آفيسر ڊپٽي ڪمشنر ملير سيد محمد علي شاهه اسسٽنٽ ڪمشنر مراد ميمڻ ۽ ٻيا به موجود هئا. ڪمشنر ڪراچي ان موقعي تي چيو ته سنڌ جي وڏي وزير ڊسٽرڪٽ ملير جي دوري جي موقعي تي خاص هدايتون ڏنيون هيون ته علائقي جي ماڻهن کي ميعاري مفت ۽ طبي سهولتن جي فراهمي لاءِ دمبا ڳوٺ ملير ۾ 36 بسترن واري اسپتال کي فوري طور تي گئس جا نوان ڪنيڪشن فراهم ڪرڻ سميت وڌيڪ سهولتن کي يقيني بڻايو.