وزيراعظم پاران ٺٽي لاءِ 500 بسترن جي اسپتال سميت سمنڊ کي بند ڏيڻ جو اعلان

ٺٽو (ڊ ر) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪراچيءَ کان حيدرآباد موٽر وي لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪو آهي، حيدرآباد کان سکر تائين موٽر وي جلد ٺاهيو ويندو. ٺٽي ۽ سجاول ۾ پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي لاءِ 20، 20 ڪروڙ رپين جو اعلان ٿو ڪيان، ٺٽي جي شيرازي ڀائرن جي دعوت تي مڪلي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم ٺٽي جي شاعر علي محمد اڏيرائيءَ جي علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو به اعلان ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته هتان جي مشهور شاعر جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرايو ويندو، ان جي لاءِ ڀلي ڪيترائي به لک خرچ اچن، سندس علاج ضرور ڪرايو ويندو، الله تعاليٰ اوهان کي صحت ڏئي، وزيراعظم نواز شريف چيو ته صحت ڪارڊ جي ورهاست کان اڳ اسان کي سروي ڪرائڻي پوندي جنهن جي لاءِ مون کي چند مهينا ڏنا وڃن، ان کان پوءِ مان پاڻ اچي اوهان ۾ ڪارڊ ورهائيندس، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ٺٽي ۽ سجاول ۾ بجلي، پاڻي ۽ گئس کان پوءِ يونيورسٽي به ايندي، ٽي ويءَ تي ٻڌي چڪو آهيان ته هتان جي عوام جي مون سان محبت آهي، خالق راضي هجي ته مخلوق پاڻ ئي راضي ٿي ويندي آهي، شيرازي ڀائرن مسئلا ٻڌايا آهن، پنجاب، فاٽا، گلگت بلتستان ۾ هيلٿ ڪارڊ شروع ڪري ڇڏيا آهن، شيرازي ڀائر جيترن ڳوٺڻ جي بجلي گھرندا اسان اوتري ڏينداسين، جيڪو چوندو آهيان اهو ڪري ڏيکاريندو آهيان، وزيراعظم ضلعي ٺٽي ۽ سجاول جي 50 ڪلوميٽر وارا روڊ ٺاهڻ جو به اعلان ڪيو، وزيراعظم نواز شريف جي ٺٽي اچڻ کان پوءِ سنڌ جي عوام ۾ خوشي جي لهر ڇائنجي وئي آهي.36
ٺٽو (ڊ ر) وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ٺٽي اچڻ تي خوشي ٿي رهي آهي، عوام جي چهرن تي اڄ خوشيءَ جي لهر ڏسي رهيو آهيان، مان سنڌ جي عوام سان محبت ۽ دوستيءَ جو رشتو نڀائيندس، هي سڀ معاملا صوبن کي حل ڪرڻ گھرجن ها، مسئلن کي حل ڪري دم پٽينداسين، ٺٽي ۾ شيرازي ڀائرن پاران دعوت تي مڪلي گرائونڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان نئين سنڌ جوڙينداسين، سنڌ جي ووٽرن کي نئون ولولو ڏينداسين، انشاءُ الله سنڌ جي نئين سِر اڏاوت ڪنداسين، سنڌ جا مئسلا منهنجا مسئلا آهن، سنڌ جي عوام کي پاڻي، بجلي ۽ روڊ ڏينداسين، سنڌي عوام جي زخمن تي مرهم رکنداسين،  ٺٽي ۽ سجاول جي عوام جا مسئلا حل ڪنداسين، وزيراعظم جو چوڻ هو ته اوهان کي بجلي، پاڻي ۽ موٽر وي ڏينداسين، سنڌ جي محرومين کي دور ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي، سڀئي مسئلا وفاقي حڪومت حل ڪندي، سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي پنجاب جي شهرن کان به بهتر ڪنداسين، اسان ڪراچيءَ کي به خوبصورت بڻائينداسين، سنڌ ۽ خيبرپختون خواهه ۾ صحت ڪارڊ جو ڪم صوبائي حڪومت پاڻ ڪندي، اسان چيو ته صحت ڪارڊ غريب جي لاءِ آهي، ماڻهن کي صحت جي لاءِ پنهنجا گھر وڪڻڻا پوندا آهن، مون کي سٺو نه لڳو ته صوبائي حڪومت اهو چيو ته ان ڪم ۾ هٿ نه وجھنداسين، وزيراعظم ٺٽي لاءِ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جي لاءِ مان پاڻ ٺٽي ايندس، ٺٽو، ٽندو محمد خان ۽ سجاول ۾ صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ جو اعلان پڻ ڪيو، وزيراعظم جو چوڻ هو ته اڃا ٻيا به تحفا باقي آهن، ٺٽي جي لاءِ 500 بسترن واري اسپتال قائم ڪئي ويندي، سرڪاري ۽ خانگي اسپتالن ۾ علاج جي سهولت ملندي. وزيراعظم عوام تي زور ڀريندي چيو ته بجليءَ جا بل ضرور ادا ڪيا وڃن، بجليءَ جا مسئلا ضرور حل ڪنداسين، بجليءَ جي وزير ۽ سيڪريٽريءَ کي مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ هتي موڪليندس، جيتري بجلي گھرندؤ اوتري حاضر آهي، ٺٽي ۽ سجاول ۾ گئس جي فراهميءَ جي لاءِ حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن، گئس جي فراهميءَ جي لاءِ 110 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويندا، 110 ڪروڙ رپيا ٺٽي جي عوام تان قربان آهي، هي اوهان جو حق آهي ۽ اوهان جي وزيراعظم جو فرض آهي، سامونڊي کاڌ جي ڪري زرعي زمين زيان ٿي رهي آهي، سمنڊ جي کاڌ جو معاملو صوبائي حڪومت جو معاملو آهي، سمنڊ جو زمين کي پائڻ جو مسئلو فوري طور حل ٿيڻ گھرجي، ٺٽي،س جاول ۽ بدين ۾ سمنڊ کي روڪڻ جي لاءِ حفاظتي بند اڏرايو ويندو، منصوبو اوهان جي لاءِ سونهري زمين کي سمنڊ جي پاڻيءَ مان محفوظ ڪري ڇڏيندو.36

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *