اسلام آباد (بيورو) خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ آهي ته سوئٽزرلينڊ لٽلي پاڪستاني دولت جي ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ راضي ٿي ويو آهي، قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ پاليسي بيان ڏيندي خزاني واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پاڪستان 2005ع ۾ سوئٽزرلينڊ کان ڄاڻ جي ڏي وٺ بابت معاهدو ڪيو هو، 2013ع ۾ اسان سوئٽزرلينڊ سان معاهدي تي ڳالهيون شروع ڪيون، سوئٽزرلينڊ ٽئسڪن ۾ مراعات، ايم ايف اين جو درجو گھريو پر پاڪستان مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. وفاقي وزير چيو ته سوئٽزرلينڊ اسان جي شرطن تي ٻيهر معاهدو جي لاءِ راضپو ظاهر ڪيو آهي ۽ هاڻي سوئٽزرلينڊ لٽل پاڪستاني دولت جي ڄاڻ ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي ويو آهي، ان بابت ٻنهي ملڪن 21 مارچ تي ٿيندڙ معاهدي تي صحيحون ڪنداسين ۽ جنوري 2018ع کان ڄاڻ جي ڏي وٺ شروع ٿي ويندي.36