اسلام آباد (اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي واضح ڪيو آهي ته بحيثيت مسلمان سوشل ميڊيا تي گستاخي وارو مواد ڪوبه برداشت نه ڪري سگهندو ۽ جيڪڏهن اسان انسانيت جي گستاخي نه روڪي ته ملڪ ۾ خانه جنگي به شروع ٿي سگهي ٿي اربع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي اڳواڻي ۾ سوشل ميڊيا تي گستاخانه مواد جي مشهوري جي خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آءِ جي اسلام آباد طارق مسعود ڪياني پي ٽي اي چيئرمين اسماعيل شاهه ۽ گهرو سيڪريٽري عارف خان عالت ۾ پيش ٿيو جڏهن ته گهرو وزير چوڌري نثار اک جي آپريشن سبب پيش ٿيڻ کان معذرت گهري جسٽس شوڪت صديقي چيو ته بحيثيت مسلمان مقدس هستين جي خلاف مواد ڪوبه برداشت نه ڪري سگهندو اهو معاملو وڏي حساس نوعيت جو آهي ۽ ان کي جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ضرورت آهي عدالت گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته معاملي جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي ۽ جي آءِ ٽي ۾ اهڙو ماڻهو شامل نه ڪيو وڃي جيڪو آئين جي تحت مسلمان نه آهي. پي ٽي اي جي ٽيم ويهاري انهن سمورن صفحن کي بند ڪيو وڃي جن تي گستاخي وارو مواد موجود آهي. جيڪڏهن اهو ڪم نٿا ڪن ته انهن کي گهر ڀيڙو ڪيو وڃي. جيڪڏهن حڪم تي عملدرآمد نه ٿيو ته واسطيدار اختيارين جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.