نيپرا 4 رپيا في يونٽ بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي
March 8, 2017 at 6:10 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڪراچي (اين اين آءِ)ايران کان درآمد ڪيل بجلي جي ٽيرف ۾ 4 رپيا 53 پئسا في يونٽ تائين گهٽتائي جو امڪان آهي نيپرا درآمدي بجلي سستي ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي ذريعن موجب ايران کان بجلي جي درآمد لاءِ معاهدي جي شڪ 4 ۾ تبديلي ڪئي ويئي آهي نيپرا درآمدي بجلي سستي ڪرڻ جي منطوري ڏيئي ڇڏي ان بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي گذريل سڄي سال لاءِ هوندي. بجلي جي اگهن ۾ گهٽتائي جو رليف صارفين تي ماهوار فيول پرائيس ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ملندو ايران مان درآمد ٿيل 74 ميگاواٽ بجلي جو ٽيرف عالمي منڊي ۾ خام تيل جي اگهن سان جڙيل آهي معاهدي جي فارمولي تحت فرنس آئل جي گهٽ کان گهٽ ۽ وڌ کان وڌ اگهه مقرر ڪيو ويو آهي. درآمدي بجلي جي ٽيرف لاءِ فرنس آئل جي گهٽ کان گهٽ قيمت 51 ڊالر ۽ وڌ اکن وڌ 100 ڊالر مقرر ڪئي ويئي. گذريل سال فرنس آئل جا اگهه 51 ڊالر جي سطح تي رهيا فرنس آئل 51 ڊالر في بيرل تي بجلي جا اگهه 6 سينٽ في يونت مقرر ڪيو ويو.