ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي واري منصوبي ۾ مبينه جاچ دوران ميرپورخاص جي هڪ آر او پلانٽ جي پاڻي ۾ مئل ڪرڙيون ۽ وڌيڪ ڍونڊ هٿ ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيترائي پلانٽ فلٽرن جي بغير ڏٺا ويا اهو انڪشاف واٽر ڪميشن جي جاري ڪيل تفصيل رپورٽ جي صفحي نمبر 105 تي ميرپورخاص ۾ سي ڊي ڊبليو اي جي پلانٽ جي دوري جي احوال ۾ ڪيو ويو آهي ڪميشن جي رپورٽ ۽ ان دوري جي منظرعام تي اچڻ واري وڊيو موجب واٽر ڪميشن جي ميمبرن جڏهن ميرپورخاص ۾ سي ڊي ڊبليو اي جي آر او پلانٽ تي پهتا ته پلانٽ بند هو پلانٽ جي معائني دوران فلٽرن جي حالت ڄاڻڻ جي لاءِ پلانٽ جو اهو حصو کوليو ويو ته فلٽر موجود ئي نه هئا ان دوران هڪ ميمبر پاڻي جي ٽيسٽ لاءِ سيمپل وٺڻ لاءِ چيو ته ڪميشن جي ٻئي ميمبر منع ڪري ڇڏيو ته جڏهن پلانٽ ۾ فلٽر ئي موجود نه آهي ته ٽيسٽ ڪرائڻ مان ڇا حاصل ٿيندو رپورٽ موجب پاڻي جو فزيڪل معائنو ڪرڻ لاءِ صاف پاڻي جو زير زمين ٽينڪ کوليو ويو ته پاڻي ٽيم جي تري ۾ هو ۽ ان ۾ ڪيترو ئي گندو سامان ۽ مئل ڪرڙيون تري رهيون هيون ۽ اتان ڌپ اچڻ سبب ڪميشن جي ميمبرن پنهنجا هٿ نڪ تي رکي ڇڏيا اهو پلانٽ سال 2005 ۾ وفاقي حڪومت جي ڪلين ڊرڪنگ واٽر فار آل جي تحت لڳايو ويو هو منصوبي جي تحت وفاقي حڪومت پاڪستان جي هر يونين ڪائونسل ۾ هڪ هڪ پلانٽ لڳائڻ جي رٿابندي ڪئي هئي سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 5 ارب رپين جي لاڳت سان ٻن ڪمپنين کي ترتيب وارو 305 ۽ 1005 پلانٽ لڳائڻ جو ڪانٽريٽ ڏنو ويو ان منصوبي جي تحت ڪراچي ۾ 146، حيدرآباد ۾ 30، مٽياري ۾ 12، سکر ۾ 32، خيرپور ۾ 22، نوشهروفيروز ۾ 13، لاڙڪاڻي ۾ 19، بدين ۾ 6، ٺٽي ۾ 9، ٽنڊومحمدخان ۾ 4 ڄامشورو ۾ 13، ٽنڊوالهيار ۾ 8، بينظيرآباد ۾ 17، گهوٽڪي ۾ 17، شڪارپور ۾ هڪ فلٽر پلانٽ لڳائڻا هئا معاهدي موجب انهن ڪمپنين سمورو ڪم 9 مهينن ۾ ڪرڻ ۽ ايندڙ ٽن سالن تائين انهن پلانٽن کي هلائڻ هو اهڙي طرح فلٽرن ۾ عمومي طور تي 15 سيڪڙو ايڊوانس ڏنو وڃي ٿو پر انهن سمورين ڪمپنين کي 3 سال آپريشنل مينٽيننس سميت سڄي ڪانٽريڪٽس جو 30 سيڪڙو ايڊوانس به ڏنو ويو. ان منصوبي جي ناڪامي سان نه صرف عوام جا اربين رپيا ضايع ٿي ويا پر عوام کي صاف پاڻي به نه ملي سگهيو.