ملڪ جي سلامتي خاطر جانين جو نظرانو ڏيندڙ ئي اصل هيرو آهن: وزير اعظم

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم ميان نواز شريف چيو آهي ته ملڪ جي سلامتي خاطر جانين جا نظرانا ڏيندڙ ئي قوم جا اصل هيرو آهن، وزير اعظم وڌيڪ چيو ته اسان جي فوج دهشتگردي واري لعنت کي پاڙون پٽي ڦٽو ڪرڻ لاءِ وڏيون خدمتون ڏئي رهي آهي، جوانن جون قربانيون رائگان نه وينديون، وزير اعظم دهشتگردن جي ارادن کي ناڪام بڻائيندڙ فوجي جوانن کي سلام پيش ڪندي چيو ته اسان ڪنهن به صورت ۾ دشمن جي ناپاڪ ارادن کي تسليم نه ڪنداسين، پاڪ سرزمين تان دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين آپريشن ردالفساد جاري رهندو، هن چيو ته رياست جي رٽ کي چئلينج ڪندڙن سان پاڪ فوج مقابلو ڪري رهي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *