ڪالهه قذافي اسٽيڊيم ۾ دهشتگرد ۽ انتهاپسند هارائجي ويا: شهباز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف چيو آهي ته ڪالهه قذافي اسٽيڊيم ۾ پاڪستان کٽي ويو، دهشتگرد ۽ انتهاپسند هارائجي ويا، پوري قوم ايڪتا، اخوت ۽ اتحاد جو اظهار ڪيو، الله جي فضل ۽ ڪرم سان پي ايس ايل جو فائنل انتهائي خوشگوار رهيو، شهباز شريف چيو ته پي ايس ايل جو فائنل ڪرائڻ سان دهشتگردن ۽ انتهاپسندن کي شڪست ملي، ڪابينا چيو ته اسان اوهان سان گڏ آهيون، اڳتي وڌو، اسان ڏينهن رات محنت ڪنداسين، هن چيو ته آرمي چيف ۽ ڪور ڪمانڊر مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، قوم ڪالهه لاهور کي پوري پاڪستان جي ايڪتا جي علامت بڻايو، پي ايس ايل جي ڪاميابي تي پرڏيهي رانديگرن جا ٿورائتا آهيون، ڪجهه نادان دوست ڊڄي ويا، انهن چيو ته لاهور ۾ فائنل نه ڪرايو، ڪالهوڪي فائنل سان قومي وحدت ۽ ايڪتا وڌي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *